وفاق لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت لبيڪ چوندي: شرجيل

وفاق لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت لبيڪ چوندي: شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تيل بحران کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون سميت جيڪو بھ فيصلو ڪندي، سنڌ حڪومت انهي کي لبيڪ چوندي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي سمورن فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ ھن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ٽن مهينن تائين پگهارون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جمعي تي گهران ڪم ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جون 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي فيصلن جي هر سطح تي حمايت جاري رکي ويندي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ته سنڌ حڪومت به انهي تي مڪمل طور تي عمل ڪرائيندي، ھن چيو ته اسان ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته اهي گهر کان ڪم ڪن، ڇاڪاڻ ته هي ڪنهن هڪ فرد نه پر سڀني جو گڏيل مسئلو آهي، ماڻهن جي سھڪار سان ئي ٻارڻ جي بچت ۽ توانائي جي ذخيرن کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ بابت پڻ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن.