وفاق هارين کان ڪڻڪ خريدڻ جو اعلان ڪري ڦري ويو، پنجاب ڪمپنين ذريعي خريداري پيو ڪري: پ پ

وفاق هارين کان ڪڻڪ خريدڻ جو اعلان ڪري ڦري ويو، پنجاب ڪمپنين ذريعي خريداري پيو ڪري: پ پ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن، سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني، قومي اسيمبلي جي ميمبر مهرين ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مختلف سياسي، معاشي ۽ انتظامي معاملن تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو ته پنجاب ۾ معمولي برساتن کانپوءِ وڏي پيماني تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن سان سٿرا پنجاب منصوبي جي ناڪامي ظاهر ٿي وئي. نقصان وڌيڪ برساتن سبب نه پر نيڪال جي ناقص نظام ۽ ڪمزور منصوبابندي سبب ٿيو، جنهن ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيو. هن پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت جي ترجيحن ۾ آبپاشي جو نظام شامل ئي ناهي، انگريزن جي دور ۾ ٺهيل آبپاشي جو نظام موجوده نظام کان وڌيڪ بهتر هو، جيڪو فنڊن جي کوٽ سبب تباهه ٿي چڪو آهي. نديم افضل چن چيو ته پيپلز پارٽي اڳ ئي ڪڻڪ جي بحران بابت خبردار ڪيو هو. پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اضافي پيداوار صرف پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٿي. وفاق ڏهه لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ باوجود هارين کان ڪڻڪ نٿو خريد ڪري، پنجاب ۾ سرڪاري پئسن سان 11 ڪمپنين ذريعي ڪڻڪ خريد ڪئي وئي. تعليم ۽ شفافيت بابت ڳالهائيندي هن پنجاب جي سرڪاري اسڪولن جي حالت چيڪ ڪرڻ جو چيلينج ڏنو، حڪومت نه شفاف چونڊون ڪرائي رهي آهي ۽ نه ئي سٺي حڪمراني فراهم ڪري رهي آهي. هن 11 ڪمپنين جي مالڪي بابت پڻ سوال اٿاريا. آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت نديم افضل چيو ته ڪوٽلي ۾ مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ٺپا هڻي رهيا آهن. جيڪڏهن انتظاميا غيرجانبدار رهي ته عوام هڪ جماعت کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيندي. شهيدن قربانيون ڏنيون، پر فائدو اشرافيه حاصل ڪيو. سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم دوران مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جي فائرنگ سبب پيپلز پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيا ۽ هڪ ڪارڪن حياتي وڃائي ويٺو، پر اليڪشن ڪميشن جو ڪردار نظر نٿو اچي. هن چيو ته بسن ذريعي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪ صوبي جي ٻن شهرن جا نالا وٺڻ سان سنڌ جي شهرين جي دل آزاري ٿي، مسلم ليگ (ن) وفاق بدران صرف پنجاب جي جماعت آهي. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سياسي جماعت طور چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ چونڊون شفاف ٿيون ته نتيجا گلگت بلتستان جهڙا ايندا. سنڌ ۾ رهندڙ ڪشميري ڄاڻن ٿا ته کين ڪراچي ۾ جيڪي سهولتون ملن ٿيون، اهي لاهور ۾ موجود ناهن. سنڌ جي اسپتالن ۾ پنجاب جا ماڻهو به مفت علاج ڪرائين ٿا. پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي جيڪا ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري رهي آهي. سندس مطالبو هو ته معاهدي تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ هر صوبي کي پاڻي ۾ پنهنجو جائز حصو ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته ماضي وانگر مستقبل ۾ به سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ سنڌ جي پاڻي جي حق لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي پيپلز پارٽي جي ٿيندي.