| وفاق پاران 10 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو، پاسڪو ذخيرا صوبن کي ملندا: حڪومت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاق ۽ صوبن ڪڻڪ جي فراهمي ۽ درآمد بابت اهم فيصلو ڪري ورتو. وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پاسڪو جي ڪڻڪ جا ذخيرا فوري طور صوبن جي ضرورتن موجب فراهم ڪيا وڃن. وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت عوام کي سستي ۽ معياري ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. رانا تنوير حسين موجب صوبن جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ فوري طور 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي. 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ سان ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکيو ويندو.