| وفاق پنهنجو انتظامي ڍانچو ٺيڪ ڪري، 18هين ترميم تحت صوبن کي حق ڏنا وڃن، فيصلا سي سي آءِ ۾ ٿيڻ گهرجن: سينيٽ ڪميٽي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت ذيلي ڪميٽي وفاقي حڪومت جي موجوده انتظامي ۽ مالي ڍانچي تي سخت سوال اٿاريندي 18هين آئيني ترميم تي مڪمل ۽ فوري عملدرآمد، وفاقي حڪومت جي ڍانچي ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ۽ ڪيترين ئي وفاقي وزارتن ۽ ادارن کي ختم يا صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي موجب وفاقي حڪومت جو مالي سال 2026-27ع لاءِ لڳ ڀڳ 19 کرب رپين جو خرچ موجوده آئيني ڍانچي سان مطابقت نٿو رکي، جڏهن ته 18هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ سبب قومي خزاني کي هر سال 5 کان 6 کرب رپين تائين نقصان ٿي رهيو آهي. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجو انتظامي ڍانچو درست ڪري، آئين تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ته پاڪستان کي مستقبل ۾ پرڏيهي قرضن جي ضرورت نه رهندي. ذيلي ڪميٽي چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ آئين جي روح جي ابتڙ آهي ۽ ان سان صوبائي خودمختياري متاثر ٿي رهي آهي. ڪميٽي موجب آئين جي آرٽيڪل 270-AA جي شق 9 تحت 18هين ترميم تي عملدرآمد لاءِ قائم ڪيل عملدرآمد ڪميشن هدايتون جاري ڪيون هيون، تنهن هوندي به وفاقي سطح تي ڪيترائي اهڙا ادارا ۽ وزارتون برقرار آهن، جيڪي صوبن يا گڏيل مفادن واري ڪائونسل سان لاڳاپيل معاملن ۾ وفاقي مداخلت جو سبب بڻجي رهيا آهن. سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي آئين جي آرٽيڪل 154 جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته وفاقي قانون ساز فهرست جي حصي ٻئي سان لاڳاپيل معاملن کي وفاقي ڪابينا بدران گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آندو وڃي ۽ اتي ئي فيصلا ڪيا وڃن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل صوبن جي مفادن جي تحفظ لاءِ آئيني ادارو آهي ۽ ان جو ڪردار وفاق ۽ صوبن وچ ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ اهم آهي. ڪميٽي چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جون 141 عام سيٽون آهن، جڏهن ته باقي ٽن صوبن جون مجموعي عام سيٽون 122 آهن، ان ڪري ننڍن صوبن جي مفادن جي تحفظ لاءِ سي سي آئي جو آئيني ڪردار وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو. ذيلي ڪميٽي وفاقي حڪومت وٽ موجود 25 وزارتن ۽ ادارن کي ختم ڪرڻ يا صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. انهن ۾ تعليم، صحت، قومي غذائي تحفظ، آبي وسيلا، ثقافت ۽ ورثو، موسمياتي تبديلي، هائوسنگ، ريلوي، خصوصي قدم، اي او بي آئي، ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ، زڪوات ۽ عشر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي، پوليس سروس، منشيات جي روڪٿام، ڪورنگي فش هاربر، سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، صنعت، پيٽروليم، بجلي، شماريات، صوبن وچ ۾ رابطي، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل شامل آهن. ڪميٽي موجب لاڳاپيل ملازمن کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ عملدرآمد ڪميشن جي طئي ڪيل طريقيڪار تحت انهن ادارن کي ختم يا صوبن حوالي ڪيو وڃي. سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي وفاقي حڪومت کي صرف 9 وزارتن تائين محدود رکڻ جي تجويز ڏني آهي. انهن وزارتن ۾ دفاع، پرڏيهي معاملا، خزانو، تجارت، مواصلات، بحري معاملا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف ۽ پارلياماني معاملا شامل آهن. ڪميٽي موجب انهن 9 وزارتن جو هلندڙ مالي سال جو بجيٽ لڳ ڀڳ 3.3 کرب رپيا آهي. ذيلي ڪميٽي وفاقي حڪومت جا موجوده لڳ ڀڳ 19 کرب رپين جا خرچ گهٽائي 13 کرب رپين تائين آڻڻ جي تجويز ڏني آهي. ان قدم سان هر سال لڳ ڀڳ 6 کرب رپين جي بچت ممڪن ٿي سگهي ٿي. ڪميٽي مالي سال 2026-27ع جي صوبائي بجيٽن جو حوالو ڏيندي بلوچستان جي بجيٽ 1.89 کرب، خيبر پختونخوا جي 2.1 کرب، سنڌ جي 3.5 کرب ۽ پنجاب جي 5.9 کرب رپيا ٻڌائي آهي. ذيلي ڪميٽي جي دعويٰ آهي ته وفاق طرفان غير آئيني ۽ غير ضروري طور روڪي يا خرچ ڪئي ويندڙ رقم تقريباً پنجاب جي هڪ سال جي بجيٽ جي برابر آهي. سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجو انتظامي ڍانچو درست ڪري، 18هين آئيني ترميم تي مڪمل عملدرآمد ڪري ۽ آئين جي بالادستي يقيني بڻائي ته پاڪستان کي مستقبل ۾ پرڏيهي قرضن جي ضرورت نه رهندي. ڪميٽي موجب اهڙي صورت ۾ بيروزگاري، ناخواندگي ۽ پسماندگي جهڙن مسئلن تي پڻ چئن ئي صوبن ۾ تيزي سان ضابطو آڻڻ ممڪن ٿيندو. سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي آخر ۾ چيو ته وفاق پاڪستان جي بنياد صوبن جي خودمختياري، اختيارن جي منصفاڻي ورڇ ۽ آئين جي بالادستي تي آهي، تنهنڪري 18هين آئيني ترميم ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آئيني مينڊيٽ تي عملدرآمد کي وڌيڪ دير جو شڪار نه ڪيو وڃي.