وفاق ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائي سهيل آفريدي کي سزا ڏياري سگهي ٿو: سلمان اڪرم

وفاق ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائي سهيل آفريدي کي سزا ڏياري سگهي ٿو: سلمان اڪرم

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائي ان کي عدالت مان جائز به قرار ڏياري سگهي ٿي، طاقتور ڌريون عوام سان ڳالهيون ڪن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت بلڪل ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائي سگهي ٿي. ڏنڊي جي زور تي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي سوچ هميشه ناڪام ٿي آهي، ڪنهن به مارشل لا کانپوءِملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو آهي. هن چيو ته هي حڪمران سهيل آفريدي تي ڪيس داخل ڪري سزا ڏياري سگهن ٿا. ڪنهن تي به ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان کي ثابت ڪرڻ راند بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ سهيل آفريدي سان ملاقات ڪندس. طاقت ور ڌريون ڳالهيون ڪي پي جي عوام، بلوچستان، قبائلي عوام، سنڌ جي هارين سان وڃي ڪن. طاقت رکندڙ ڌرين کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجي.