ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير منظور وٽو چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن ٿيندي، وفاق ۽ پنجاب ۾ اتحادي حڪومت ٺهندي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿي سگهي ٿو
منظور وٽو نجي نيوز ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ نواز ليگ جي سربراهي ۾ اتحادي حڪومت ۽ ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ بلوچستان ۾ پ پ ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ايندڙ وزيراعظم ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن، نواز ليگ جي وزيراعظم کي پيپلزپارٽي مڃي سگهي ٿي ته پيپلزپارٽي جي وزيراعظم کي به نواز ليگ سپورٽ ڪندي
منظور وٽو چيو ته منهنجا ٻار پي ٽي آءِ کان واپس اچي ويا آهن، اسان جون ملاقاتون جهانگير ترين سان به ٿيون آهن پيپلزپارٽي جي دوستن سان به ملاقاتون ٿيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري منهنجي گهر تعزيت لاءِ آيو هو هن پ پ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پ پ ۾ شموليت ڪري سگهان ٿو پر اڃا حتمي فيصلو ڪرڻو آهي
هن چيو ته جهانگير ترين نئين پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو ۽ هن ئي هفتي ۾ اعلان ڪري سگهي ٿو، وقتي طور پارٽيون ٺهنديون آهن پوءِ ختم ٿي وينديون آهن
منظور وٽو چيو ته جهانگير ترين ملاقات دوران چيو ته مون عمران کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سپورٽ ڪئي ايترا خرچ ڪيا يا ايتري محنت ڪئي ان کانپوءِ جڏهن هو وزيراعظم ٿي ويو ته منهنجي ئي ڌيءُ خلاف هن ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ کي ڇڏيندڙ ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ وڃي سگهن ٿا