وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ 3 ججز کي معطل ڪري ڇڏيو

نومبر 3, 2023

گھوٽڪي، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ 2 سول جج معطل ڪيا ويا آهن

وقتي چيف جسٽس بدانتظامي ۽ نااھلي جي بنياد تي ٽن ججن کي عھدن تان ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

نوشهروفيروز جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نذاڪت علي ٽانوري، عمر ڪوٽ جي تعلقي ڪنري جو سول جج زاھد حسين مغيري ۽ اوٻاوڙو جو سول جج زاھد مستوئي کي عھدن تان ھٽايو ويو آھي

معطل ڪيل ٽنھي ججن کي ھيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته معطلي دوران ٽئي ججز پگھارون ۽ الائونس کڻندا رھندا

Leave A Comment