وقت جي يزيدن کان ڊڄڻ واري ناهيان: ام رباب جو ڪربلا مان پيغام
مارچ 25, 2025
ميهڙ(ن پ ا ( ام رباب چانڊيو عراق جي شهر ڪربلا مان ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته آئون وقت جي ظالمن کي پيغام ڏئي رهي آهيان ته اسان اهي ماڻهو آهيون جنهن هن زمين تان وقت جي ظالمن سان وڙهڻ، جي همت ۽ طاقت ورتي آهي، هي زمين اسان کي همت ڏئي رهي آهي ته ظالمن جو آڏو نه جهڪو. ھن چيو ته مون امام حسين عليه السلام جي روضي ٻاهران ڪفن خريد ڪري وقت جي ظالمن کي پيغام ڏنو آهي توهان ڪهڙو ڊيڄاريندا. اسان هنن مظلومن آڏو پنهنجو ڪيس رکيو آهي هي اها زمين آهي جتي هر دعا جو وسيلو بڻجي قبول پوندي آهي مون پنهنجي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جو ڪيس هنن آڏو رکيو آهي. مون کي خدا جي ذات تي يقين آهي ته مون سان اهڙو انصاف ٿيندو جنهن جي تاريخ رقم ٿيندي. ھن چيو ته مان ظالمن ، قاتلن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اوهان منهنجي حوصلن کي شڪست نه ٿا ڏئي سگھو ڇو ته هي حوصلو اسان کي ڪربلا مان مليو آهي منهنجي دعا آهي ته ظالمن سان وڙهندڙن کي وڌيڪ حوصلو ۽ ڪربلا جي زيارت نصيب ٿئي.