وليڪا اسپتال ۾ ايڊز پکيڙيندڙ عملدارن خلاف پوليس پاران جاچ شروع: ايف آءِ آر جو فيصلو  

وليڪا اسپتال ۾ ايڊز پکيڙيندڙ عملدارن خلاف پوليس پاران جاچ شروع: ايف آءِ آر جو فيصلو  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي جي وليڪا اسپتال ۾ 78 ٻارن ۾ ايڊز ڦهلجڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪياماڙي پوليس معاملي جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، ايس پي بلديه ذڪيه ملڪ وليڪا اسپتال پهچي تفصيل معلوم ڪيا. ٻئي طرف ايس پي ڪمشنر سيسي کي خط  لکي ڄاڻايو ته ايس ايس پي ڪياماڙي کيس انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو آهي، ايڊز پکڙجڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ گهري آهي، خط موجب واقعي جي ڪا ڊپارٽمينٽل انڪوائري ٿي آهي ته ذميوار آفيسرن ۽ ملازمن جا نالا موڪليو، جيڪي خراب سرنجون استعمال ڪرڻ ۽ سنگين غفلت ڪرڻ م ملوث ثابت ٿيا، خط ۾ چيو ويو آهي ته سيسي طرفان هڪ فوڪل پرسن به مقرر ڪيو وڃي ته جيئن باقاعده ايف آئي آر داخل ڪري سگهجي. ايس پي بلديه جي خط بعد ڪمشنر سيسي وليڪا اسپتال جي ايم ايس کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ايس پي کي انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي به اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن جا نالا شامل آهن