ون ڊي ميچن بنا قومي ٽيم سريلنڪا ۾ کيڏندي، شيڊيول ۾ صرف 2 ٽيسٽ ميچون

جُون 2, 2023

لاهور ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا واري دوري ۾ ون ڊي ميچ ڪرائڻ واري تجويز کي قطعي شڪل نه ڏني وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪن بورڊ ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي ايونٽ دوران ون ڊي ميچون ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي

ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ ڏينهن واريون ميچون ڪرائڻ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سريلنڪن اختيارين ۾ ڳالهيون ٿيون هيون پر اڻٽر سببن جي ڪري ان کي حتمي شڪل نه ملي سگهي هئي

سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ صرف هاڻي ٽيسٽ ميچون ئي ٿينديون جيڪي آءِ سي سي چيمپين شپ جو حصو پڻ آهن

ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٽيسٽ سيريز جولاءِ ۾ ٿيندي جنهن شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو

Leave A Comment