وومين ورلڊ ڪپ 2025ع جو شيڊول جاري

جُون 16, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وومين ورلڊ ڪپ 2025 جو شيڊول جاري: پاڪستان جا ميچ غير جانبدار هنڌن تي ٿيندا ميگا ايونٽ 30 سيپٽمبر تي ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ افتتاحي ميچ سان شروع ٿيندو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) 2025ع جي وومين ورلڊ ڪپ جي شيڊول جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميگا ايونٽ 30 سيپٽمبر تي ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ افتتاحي ميچ سان شروع ٿيندو.

دفاعي چيمپيئن آسٽريليا پنهنجي مهم جي شروعات پهرين آڪٽوبر تي نيوزي لينڊ خلاف ڪندو. پاڪستان وومين ٽيم پنهنجا سڀئي ميچ سريلنڪا جي شهر ڪولمبو جي غير جانبدار هنڌ تي کيڏندي.

ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جا شيڊول ميچ

2 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله بنگلاديش

5 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله ڀارت (هاءِ وولٽيج ميچ)

15 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله انگلينڊ

18 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله نيوزي لينڊ

21 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله ڏکڻ آفريڪا

24 آڪٽوبر: پاڪستان بمقابله سريلنڪا (آخري گروپ ميچ)

آءِ سي سي موجب، ميگا ايونٽ جو فائنل 2 نومبر تي ڪولمبو يا بينگلورو ۾ کيڏيو ويندو.

وومين ورلڊ ڪپ 2025 ۾ حصو وٺندڙ ٽيمون سخت تيارين ۾ مصروف آهن، جڏهن ته مداحن جون نظرون 5 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ تي مرڪوز آهن، جنهن کي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ميچ سمجهيو پيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت