ووٽر لسٽن مان  فوت ٿي ويل 14 لک 84 هزار 382 ووٽر خارج

ووٽر لسٽن مان  فوت ٿي ويل 14 لک 84 هزار 382 ووٽر خارج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن مان  فوت ٿي ويل 14 لک 84 هزار 382 ووٽن کي خارج ڪري ڇڏيو. ٻن مهينن ۾ ملڪ اندر تقريبن 6 لک رجسٽرڊ ووٽ گهٽ ٿيا. جڏهن ته 8 لک 94 هزار 924 نئين اهل ووٽرن کي شامل ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب 7 مئي کان 2 جولاءِ 2026ع تائين رجسٽرڊ ووٽرن بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا، جن مطابق ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جي انگ ۾ 5 لک 89 هزار 458 جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 71 لک کان گهٽجي 13 ڪروڙ 65 لک 74 هزار 399 ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 78 هزار 909 ووٽرن جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ 97 هزار 216 ووٽر گهٽ ٿيا. ووٽرن جي مجموعي گهٽتائي ۾ 4 لک 50 هزار مرد ۽ هڪ لک 38 هزار عورت ووٽر شامل آهن. اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب چونڊ فهرستون نادرا جي ڊيٽا جي بنياد تي سيڪشن 25 تحت لاڳيتو اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون. قومي سڃاڻپ ڪارڊ سان ڳنڍيل نظام سبب ڊپليڪيٽ ووٽرن جو امڪان موجود ناهي.