ووٽنگ مشينون خراب، برسات ۽ ٻوڏ: ووٽرن لاءِ ڏکيائيون

ووٽنگ مشينون خراب، برسات ۽ ٻوڏ: ووٽرن لاءِ ڏکيائيون

واشنگٽن: آمريڪا ۾ وچ مڊٽرم چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي، پر مختلف رياستن ۾ ووٽرن کي فني خرابين ۽ خراب موسم سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ميڊيا رپورٽس موجب  عرب ميڊيا موجب نيويارڪ جي ويسٽ چيسٽر ڪائونٽي جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي موجود ووٽنگ مشينون فني خرابي سبب بيلٽ پيپر قبول نه ڪري رهيون هيون، صبح سان پولنگ شروع ٿيندي ئي اسڪينرن ۾ اهڙا مسئلا سامهون آيا،  ڪيترين ئي ٻين رياستن ۾ تيز برساتن، ٻوڏ ۽ طوفان پڻ چونڊ عمل کي سخت متاثر ڪيو. فلوريڊا ۾ سومر رات ۽ اڱاري تي ٿيندڙ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 18 پولنگ اسٽيشنون ٻين هنڌن تي منتقل ڪيون ويون. اهڙي طرح اوڪلاهوما ۾ طوفان سبب ڪميونٽي سينٽر کي سخت نقصان پهچايو، ان پولنگ اسٽيشن جو هنڌ تبديل ڪرڻو پيو.