ووٽ داخل ڪرايو : ووٽ جي داخلا، تبديلي ۽ منتقلي لاءِ تاريخ ۾ ڇنڇر تائين واڌ

آڪٽوبر 24, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ووٽ جي داخلا، تبديلي ۽ منتقلي لاءِ مقرر تاريخ ۾ 28 آڪٽوبر تائين اضافو ڪري ڇڏيو

 اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾  ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن عوام جي سهولت لاءِ تاريخ ۾ 28 آڪٽوبر 2023ع تائين اضافو ڪيو ويو

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان  عوام کي درخواست آهي ته ان مان فائدو حاصل ڪندي ڄاڻايل تاريخ تائين پنهنجي ووٽ جي داخلا، تبديلي ۽ منتقلي جي درستگي ڪرائڻ کي يقيني بنائين، ان کان اڳ آخري تاريخ 25 آڪٽوبر مقرر هئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر