ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
نئين مالياتي پاليسي جاري ڪندي اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ايندڙ ٽن مهينن تائين وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکي وئي آهي
مرڪزي بينڪ موجب مهانگائي توقع تحت گهٽجي رهي آهي، پاليسي ائين جاري رهي ته سيپٽمبر 2025ع تائين مهانگائي پنج کان 7 سيڪڙو ٿي ويندي
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو تائين پهچڻ بعد گذريل مهيني 23.1 سيڪڙو تي اچي وئي هئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال معاشي پيداوار 2 کان 3 سيڪڙو رهڻ جا امڪان آهن
مرڪزي بينڪ موجب زرعي اُپت وڌڻ سان معاشي پيدوار ۾ بهتري آئي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران صنعتي شعبي ۾ وڏي بحالي جي اُميد آهي