وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار: مهانگائي 21.5 سيڪڙو آهي گهٽتائي ايندي: اسٽيٽ بينڪ

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ پاران مانيٽري پاليسي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  اهو فيصلو گيس جي قيمتن ۾تازي واڌ جي اثرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن سبب نومبر مهيني ۾ مهانگائي ۾ 3.5 سيڪڙو  اضافو ٿيو هو. 12مهيني جي بنياد تي حقيقي وياج جي شرح مثبت رهي ٿي، هلندڙ ڇهه ماهي ۾ ناڻي  واڌ  ۾گهٽتائي جاري رکڻ جي اميد آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽه ماهي لاءِ جي ڊي پي ۾ واڌ جو نتيجو مانيٽري پاليسي ڪاميٽي جي اميد مطابق آهي، آءِ ايم ايف سان ڪيل اسٽينڊ باءِ معاهدي سبب صارفين ۽ ڪاروباري ڌرين جي جذبن ۾ به بهتري آئي آهي، انهي باوجود مهانگائي جي سطح بلند ترين آهي. جيڪا آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي. مالي سال 24 جي پهرين ٽه ماهي ۾ حقيقي جي ڊي پي 2.1 سيڪڙو وڌي وئي. مانيٽري پاليسي ڪاميٽي ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس ۾ نمايان بهتري کي نوٽ ڪيو. جولاءِ-آڪٽوبر جو خسارو 65.9 سيڪڙو گهٽجي 1.1 ارب ڊالر ٿي ويو، جڏهن پرڏيهي ناڻي جي آمد ۾ بهتري آئي ،  پرڏيهي قرضن جي واپسي سبب اسٽيٽ بينڪ جي ناڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي آهي، آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام تحت فنڊز جي آمد سان ناڻي ذخيرن ۾ بهتري جو امڪان آهي. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب نومبر 2023 ۾ مهانگائي ۾ 3.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا وڌي  29.2 سيڪڙو تي پهتي. هلندڙ مهيني دوران مهانگائي 21.5 سيڪڙو رهي، جنهن ۾ جون مهيني تائين وڌيڪ لاٿ ايندي

Leave A Comment