وياج جي 6 لکن عيوضن نينگري جو سودو، پوڙهي وياجي جو نياڻي سان مڱڻو: وڊيوز وائرل

مَي 26, 2023

ڪرمپور (رپورٽر) سکر واسي يتيم نينگري مبينا وياج جي پئسن عيوض پوڙهي وياجيءَ کي ڏني پئي وڃي مڱڻو ڪرڻ جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن

سکر واسي عمران پنهنجي 12 ورهين جي يتيم ڀائيٽي صباگل کي وياج جي 6 لک رپين عيوض مبينا وڪرو ڪري ڇڏيو آهي

سکر واسي نينگري صبا گل جو خانپور جي ناپرڪوٽ ٿاڻي ڀرسان رهندڙ 60 سالن جي پوڙھي هوران جعفري سان مبينا مڱڻو ڪرايو ويو آهي

نينگري جو پئسن عيوض هوران سان مڱڻو ڪرڻ ۽ مٺائي روهائڻ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن

وڊيوز۾ رشتو طئه ڪرائڻ ۾ شاهنواز بنگلاڻي نالي شخص جو ڪردار نظر اچي ٿو وڊيو ۾ نينگري جي ڏاڏي ۽ چاچو پئسا وٺندي ۽ هوران جعفري پئسا ڏيندي نظر اچي ٿو

سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته هوران جعفري هڪ سال اڳ عمران چنو کي وياج تي پئسا ڏنا هئا

هوران جعفري جا موٽرسائيڪلن جا پئمنٽ جا 10 لک هئا جن مان 4 لک رپيا ادا ڪيا ويا هئا ۽ 6 لک رپين ۾ مبينا نينگري جي شادي طئي ڪئي آهي

وياج جا 5 لک رپيا ڪاٽي بقايا هڪ لک رپيا هوران جعفري عمران کي ادا ڪندو وڊيو ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته رخصتي 10 جولاءِ تي ڪئي ويندي

نينگري صبا گل جو والد سلطان ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويو هو جنهن بعد هوءَ پنهنجي چاچي عمران وٽ رهندي آهي

اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي

شڪارپور پوليس هوران جعفري جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويو

ايس ايس پي شڪارپور چيو آهي ته پهريان جوابدار جي گرفتاري جي ڪوشش ڪريون ٿا پوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment