وياج خوري جا الزام: آءِ جي کي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ خلاف ڪارروائي جو حڪم 

وياج خوري جا الزام: آءِ جي کي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ خلاف ڪارروائي جو حڪم 

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل آءِ جي فنانس مظفر شيخ خلاف وياج جا پئسا وٺڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي پٽيشنرن کي گرفتار ڪرڻ ۽ وڌيڪ ايف آءِ آرون  داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت آءِ جي سنڌ کي ايڊيشنل آءِ جي مظفر شيخ خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ 8 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، درخواستگذارن محمد سليم شيخ ۽ پرويز مهر سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايڊشنل آءِ جي مظفر شيخ کي ڌر بڻائي چيو آهي ته پوليس آفيسر مظفر شيخ ساڍا ڇهه ڪروڙ وياج تي ڏنا هئا، جنهن تي هو اڍائي ڪروڙ وياج وٺندو هو، هن مهل تائين 34 ڪروڙ وصول ڪري چڪو آهي، هاڻ چيڪن جو غلط استعمال ڪندي مختلف ٿاڻن تي چيڪ بائونس جا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي، اسان الهه تلهه وڪڻي مظفر شيخ کي وياج سميت پئسا واپس ڪري چڪا آهيون، اسان وٽ  هاڻ زهر کائڻ جا به پيسا ناهن، اسان جي حياتين کي  خطرو آهي، اسان کي ڪوڙن مقابلن ڪيس ۾ ماريو ويندو، تحفظ فراهم ڪيو وڃي,درخواستگذارن جي وڪيل بيئريسٽر رحمان مهيسر چيو ته درخواستگذارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي, هنن کي جان جو خطرو آهي.