| وياج شرح ۾ لاٿ سان وچولي ڪاروبار کي هٿي ملندي: وزيراعظم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پاران اسٽيٽ بينڪ طرفان شرح سود ۾ 50 بيسس پوائنٽس گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار، اِن قدم کي ڪاروباري برادري ۽ عام ماڻهو جي بهتري لاءِ اڳڀرائي قرار ڏنو. وزير اعظم محمد شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪي وزير بلال اظہر ڪياني، ناڻي سيڪريٽري ۽ سندن ٽيم جي پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ ڪيل ڪوشش کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي ۽ پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي. معاشي استحڪام لاءِ ڪاروباري برادري ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن. معاشي بهتري سان عوام کي جيترو ممڪن آهي، اوترو رليف فراهم ڪري رهيا آهيون. وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ گهٽ لاڳت تي قرضن جي دستيابي سان ننڍن ۽ وچولي پئماني جو ڪاروبار سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندو.