وياج شرح 11 مان گهٽائي ساڍا 10سيڪڙو مقرر: حڪومتي قرض ۾ 12 هزار 169 ارب رپيا واڌ رڪارڊ: نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان 

وياج شرح 11 مان گهٽائي ساڍا 10سيڪڙو مقرر: حڪومتي قرض ۾ 12 هزار 169 ارب رپيا واڌ رڪارڊ: نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان 

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽ: شاهد ميراڻي + م ڊ) اسٽيٽ بينڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  جنهن تحت وياج جي شرح 11 سيڪڙو مان گهٽائي 10 ڏهائي 5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ موجب نومبر ۾ مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي، هلندڙ سال جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 733 ملين ڊالر رهيو. اسٽيٽ بينڪ جي ستاويز موجب موجوده حڪومت جي شروعاتي 20مهينن دوران قرضن ۾ 12 هزار 169 ارب رپين جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي،جڏهن ته  اسٽيٽ بينڪ جي دستاويزن موجب، مارچ 2024ع کان آڪٽوبر 2025ع تائين وفاقي حڪومت جي مقامي قرض ۾ 11 هزار 300 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرضن ۾ 869 ارب رپين جي واڌ ٿي وئي، فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جو قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو، آڪٽوبر 2025ع ۾ قرض وڌي 76 هزار 979 ارب رپيا ٿي ويو، اسٽيٽ بينڪ جي دستاويزن موجب وفاقي حڪومت تي پرڏيهي قرض 23 هزار ارب رپين کان وڌي ويو آهي. ٻئي پاسي خانگي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف )  افراط زر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ مٽا سٽا شرح کي مستحڪم رکڻ لاءِ موجوده مانيٽري پاليسي کي جاري رکڻ تي زور ڏنو آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اسٽيٽ بينڪ جي طرفان وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس جي لاٿ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري برادري ۽ عام ماڻهو لاءِ بهتري قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چو آهي ته الله جي فضل سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت رنگ لاتو آهي، ناڻي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني  ۽ ناڻي سيڪريٽري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.