وياج شرح 11.2سيڪڙو برقرار: جون ۾ مهانگائي گهٽجي 11.1سيڪڙو ٿي: اسٽيٽ بينڪ   

وياج شرح 11.2سيڪڙو برقرار: جون ۾ مهانگائي گهٽجي 11.1سيڪڙو ٿي: اسٽيٽ بينڪ   

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مالياتي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، وياج جي شرح 11.50 سيڪڙو تي برقرار رهندي، ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد مانيٽري پاليسي جاري ڪندي چيو آهي ته مانيٽري پاليسي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح 11.50 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته ڪجهه سالن کان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو آهي،  جولاءِ کان فيبروري تائين سراسري مهانگائي 5.5 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مئي ۾ مهانگائي شرح 11.7 ۽ جون ۾ 11.1 سيڪڙو تي پهتي، هن چيو ته مالي سال 2026 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 139 ملين ڊالر هو، جڏهن ته مالي سال 2027 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي شرح  جي ڊي پي (GDP) جي زيرو کان هڪ سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ڊسمبر 2026 تائين پرڏيهه مان موڪليل رقم  20.20 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. عالمي حالتن باوجود اها اڳڪٿي برقرار آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽ ۽ پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ شهرين پاران موڪليل رقم آمدني جا اهم ذريعا آهن. حڪومتي ڪوششن سان مالي سال 27-2026 ۾ ايڪسپورٽ وڌڻ جي اميد آهي. هن چيو ته گذريل چئن مهينن دوران ”روشن ڊجيٽل اڪائونٽس“ ۾ رقم جي آمد جي سراسري مقدار 300 ملين ڊالر رهي، گورنر جميل احمد چيو ته موجوده مالي سال ۾ درآمد ۾ اضافو ٿيندو ۽ ناڻي جي آمد مضبوط رهندي، سمورين ادائيگين باوجود اسان پنهنجي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو آهي، مالي سال 2027 ۾ 21.5 ارب ڊالرن جي پرڏيهي قرضن جي واپسي ٿيڻي آهي.