وياج ۾ پنجون ڀيرو گهٽتائي: اڄ کان شرح 13 سيڪڙو: 4 مهينن بعد مهانگائي وڌندي: گورنر اسٽيٽ بينڪ

ڊسمبر 17, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) وياج شرح ۾ پنجون ڀيرو گهٽتائي: اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو گھٽتائي آڻي 15 مان 13 سيڪڙو ڪري ڇڏي، ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل مانيٽري پاليسي موجب  وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گھٽتائي آڻي نئين شرح 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب  مهانگائي نومبر ۾ توقع موجب 4.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته صارفين ۽ ڪاروباري ڌُرين جا مهانگائي وارا اندازا متضاد آهن. اسٽيٽ بينڪ مطابق تازي معاشي ڊيٽا ترقي جي امڪانن کي بهتر ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ناڻي واڌ، مهانگائي ۽ ٻاهرين اڪائونٽ تي دٻاءِ کي ڪنٽرول ۾ رکندي. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته وياج شرح ۾ گهٽتائي معاشي ترقي کي پائيدار بنيادن تي سهارو ڏئي رهي آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب آڪٽوبر ۾ لڳاتار ٽيون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، جنهن سبب پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 12 ارب ڊالر ٿي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته عالمي منڊي ۾ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب درآمدي بل ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي. مانيٽري پاليسي ڪاميٽي 2025ع ۾ جي ڊي پي ۾ واڌ جي شرح 2.5 کان 3.5 سيڪڙو  وچ ۾ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. مانيٽري پاليسي  موجب جولاءِ-آڪٽوبر 2024ع دوران برآمدات (ايڪسپورٽ )۾ 8.7 سيڪڙو اضافو ٿيو، عالمي منڊين ۾ جنسن جي  قيمتن ۾ گهٽتائي جا مثبت اثرسامهون آيا آهن. هلندڙ مالي سال 2025ع دوران سراسري مهانگائي جو اندازو 11.5 کان 13.5 سيڪڙو  وچ ۾ رهڻ جا امڪان آهن. اسٽيٽ بينڪ اختيارين موجب وياج جي شرح ۾ گهٽتائي وارو فيصلو اڄ 17 ڊسمبر کان لاڳو ٿي ويندو. هوڏانهن  وزيراعظم پاران وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي آجيان ڪئي وئي آهي، شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي، اُن سان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ جي گورنر  جميل احمد خان چيو آهي  ته  3 کان 4  مهينا مهانگائي جي شرح گهٽيل رهندي، جنهن بعد انهي ۾ واڌارو ٿيندو، هن وقت کاڌ خوراڪ  ۽ توانائي  سيڪٽرز ۾ مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو آهي، ڪور انفليشن  هيٺ اچڻ تائين خدشا برقرار رهندا، هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته  وياج جي شرح جي ۾گهٽتائي سان سرڪار کي ادائگين ۾ ڏيڍ هزار ارب جي بچت ٿيندي،  هن چيو ته هن وقت ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جوملهه مستحڪم آهي، اسان کي پرڏيهه مان  35 ارب ڊالرن جو ناڻو (رميٽينسز ) آيو آهي، اسان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ آئي آهي، هاڻ اسان امپورٽ وڌڻ نه ڏينداسين، پنهنجي پراڻي غلطي نه ورجائينداسين، هن چيو ته اسان جا دفاعي خرچ 2022ع واري سطح تي بيٺل آهن، رڳو تيل جي امپورٽ بل جي ادائگي ئي وڏو مسئلو هوندي آهي، هن چيو ته اسان کي هلندڙ سال دوران26.1 ارب ادا ڪرڻاهئا، هلندڙ مهيني  دوران اسان باقي رهيل 5 ارب ڊالر پڻ ادا ڪري ڇڏينداسين.

Leave A Comment