| ويرات ڪوهليءَ جو غرور، ننڍڙو مداح آٽو گراف نه ڏيڻ تي روئي روئي بي حال ٿي ويو: وڊيو وائرل |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ننڍڙو مداح جذبات تي ضابطو نه رکندي آبديرو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجو بيٽ زمين تي اڇلائي ڇڏيو. انڊين پريميئر ليگ جي ميچ کان اڳ پريڪٽس دوران ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي جي هڪ معصوم مداح کي ان وقت سخت مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو جڏهن هو پنهنجي پسنديده رانديگر کان آٽو گراف وٺڻ ۾ ناڪام رهيو. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار ڪيترائي ڀيرا ڪوهليءَ جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سيڪيورٽي اهلڪار کيس روڪي ڇڏين ٿا. ٻار ڪوهليءَ کي آواز به ڏئي ٿو پر هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي اڳتي وڌي وڃي ٿو. ڪرڪيٽر جي توجه حاصل نه ڪري سگهڻ تي ٻار آخرڪار مايوس ٿي واپس موٽي ٿو. ان دوران هو جذبات تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها لڙڪي پيا، هن ڪاوڙ ۾ پنهنجو بيٽ به زمين تي اڇلائي ڇڏيو. مايوس ٻار جي روئڻ واري هن وڊيو سوشل ميڊيا واپرائيندڙن کي به اداس ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب هن وڊيو جي وقت جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، پر رائل چيلنجرز بنگلور جو رانديگر ڪوهلي سومر جي رات دهليءَ ۾ موجود هو.