| ويرات ڪوهلي”وجئه هزاري ٽرافي“ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ملڪ جي اهم علائقائي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ شڪست کانپوءِ بي سي سي آءِ، هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ۽ چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر واضح ڪري چڪا آهن ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگر انٽرنيشنل ميچن کان واپس اچي علائقائي ٽورنامينٽ ۾ حصووٺندڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان به ڪجهه ڏينهن اڳ ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما کي واضح ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن قومي ٽيم ۾ رهڻو آهي ته علائقائي ٽورنامينٽ کيڏڻي پوندي ته جيئن عالمي ڪرڪيٽ جي گهرجن ۽ فٽنيس جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.ميڊيا رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي بي سي سي آءِ جي هدايت خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ هن هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.