ويران جنڪشن جا وڃايل فانوس

                 هو ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سندس اباڻي ڳوٺ آيو هو, ان ڏينهن هن کي ڳوٺ جو سارو نقشو ئي بدليل مليو هو, هن ڳوٺ جي ٻين  ويران جاين سان گڏ  ان ويران جنڪشن کي ب ڏٺو هو ۽  رنو هو, ڇاڪاڻ ت ان جنڪشن تي هن جيترا ٽھڪ ڏنا هئا ان کان وڌ اوڇنگارون به ڏنيون هيون, هن کي گرم ڏينهن جي اها وچين ويل به ياد آئي جڏھن هو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ وطن کي ڇڏي ريل تي پرديس وڃي رهيو هو, هن جڏھن ريل ۾ سفر ڪيو هو ته تيز ڊوڙندڙ ريل، ڦرندڙ منظر, وڻ ٽڻ، پليون پکي سڀ ڏينهن ڏٺي جي خواب جيان ٿي لڳا. ھونئن ته زندگي به هڪ مختصر خواب جيان آھي، جيڪو خواب رات جو ننڊ دوران اکين ۾ لهي ٿو ۽ صبوح ٿيڻ تي وسري وڃي ٿو, هو جنهن جاءِ تي بيٺو هو، اها جاءِ هن لاءِ ماضي جو شاندار ھنڌ هو، جتي هن جون خوبصورت ساروڻيون نپنيون هيون. هو اتي بيهندي ماضي ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن کي ياد آيو جڏھن هو ريل ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو، موڪلائيندڙن جي گرم ڀاڪرن جا ڇهاءَ، اکين مان ڪرندڙ لڙڪ ۽ آخر ۾ هوا ۾ موڪلاڻي جا لڏندڙ نازڪ ھٿ… ڇا ته هئا!

                 گهر ڀاتين جا سڏڪا، پاڙيسرين جي ڳلن تي ڳڙندڙ ڳوڙھا- هڪ ڏکوئيندڙ منظر هو! سال گذري ويا، وسري ئي نٿو. اڄ به جڏھن گگن جي ڪن تي ڪاريءَ جي ڪوڪ پوي ٿي يا ريل جون وشال پٽڙيون ڏسندو آھي ته اهو وڇڙڻ جو سارو منظر اٿلي پوندو آھي. ان ڏينهن جنڪشن تي مسافرن جو ڪيڏو نه هجوم هو! هڪڙا وڃي رهيا هئا ته ٻيا اچي رهيا هئا. هن کي اهي پل به ياد اچڻ لڳا هئا جڏھن هو الهڙ وهيءَ ۾ شام جي وقت هڪ جيڏن سان گڏ  اچي جنڪشن تي ويهندو هو ۽ جڏھن سانجھ ٿيندي هئي ته ساري جنڪشن تي فانوس ٻاريا ويندا هئا ۽ ڏياٽيون جلنديون هيون ته سارو ماحول روشنين سان پيو جرڪندو هو. جڏھن ريل  ايندي هئي ته ان جي ڪوڪ پري کان ٻڌبي هئي. اها زمين ڌٻائيندي ايندي هئي. ريلوي پليٽ فارم تي پيئڻ جي ٿڌي پاڻي جي بندوبست سان گڏ مسافرن جي ويهڻ جو به بندوبست هوندو هو.

ريل کي انجنيئر جارج اسٽيفن هلائڻ جي قابل بڻايو هو، جيڪو 9 جون 1781ع تي انگلينڊ  جي نارٿ امبر لينڊ رياست جي شھر wylam ۾ ڄائو هو پر ريل گاڏي جي انجڻ سڀ کان پهرين james watt ٺاهي هئي، جنهن ٻاڦ جي  طاقت کي مشاهدي ۾ آڻي انجڻ ٺاهڻ جو تجربو ڪيو هو. 1855ع کان برٽش سرڪار ريل جي پٽڙين وڇائڻ واري ڪم جي رٿا جي منظوري ڏني، جنهن سان پاڪ و هند ۾ ريل جي پٽڙين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. ريل جا رستا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ انهن رستن تي ريلون هلايون ويون.

گگن کي ان جنڪشن سان گڏ ڪجھ ٻيون به ريلوي اسٽيشنون ياد اچڻ لڳيون، جن ۾ ڪوٽڙي، نوابشاه، پڊ عيدن، ڄامشورو، دادو، مهين جو دڙو، محرابپور، روهڙي، خيرپور، روهڙي، پنوعاقل، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، مٺياڻي، کوکراپار، هوسڙي، ٽنڊو محمد خان، بدين، ماتلي، ڊگهڙي، جهڏو، نئون ڪوٽ، سکر، ڪراچي، سيوهڻ، ٺاروشاه، شادي پلي، ڀٿورو، ڍورو نارو، ڇور… هن انهن مان ڪجھ اسٽيشنون سفر دوران ڏٺيون به هيون، جڏھن هن ڪم ڪارين جي سلسلي ۾ مختلف شھرن ڏانهن  ريل جو سفر ڪيو هو. ريل سفر کٽائي ڇڏيو، باقي ڪائي ياد رهجي ويئي.

نديءَ تي شام جو سج هو. ٻيڙي ۾ رات پئجي ويئي. هن کي روح ۾ هڪ وڏي ڇڪ آئي. گگن سوچيو ته واقعي ئي دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون تبديلي جي سفر مان گذرندي ترقي جي ميدان ۾ اڳيان نڪرنديون رهن ٿيون پر ترت ختم ڪونه ٿيون ٿين، جيئن هيءَ جنڪشن ويران ٿي ويئي آھي. نه رڳو هيءَ جنڪشن ويران آھي پر ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ريلوي پليٽ فارم تباه ٿيا هوندا.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ جپان، چين، انگلينڊ ۾ اڄ به تيز ترين اليڪٽرڪ ريل گاڏيون هلن ٿيون. بجلي توڙي مقناطيسي لهرن ذريعي انهن ريل گاڏين جي رفتار 400 کان 500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آھي. اسان وٽ ته ريل گاڏيون آھستي آھستي بند ٿينديون ٿيون وڃن. هتي ڪيترائي ادارا جهڙوڪ ٽپال کاتو، ريلويز کاتو، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، آثار قديما کاتو، ٻيلو کاتو، ثقافت کاتو ۽ ٻيا کاتا ڪرپشن سبب گهاٽي ۾ ھئڻ ڪري بند ٿيڻ تي آھن. هن ويران جنڪشن جا در ۽ دريون ماڻھو ڪڍي ويا، فقط آفيس جي جاري تي جتي ڪڏھن فانوس ۽ ڏياٽيون جلنديون هيون، اتي پاريهلن جا آکيرا آھن. آکيرن جي مٿان ڏياٽين مان نڪرندڙ لاٽ جي دونهين جي ڪاراڻ ميرانجهڙي ٿي چڪي هئي. وقت هر شئي کي ملياميٽ ڪري ٿو ڇڏي.

هن کي اوچتو هن جو پاڙيسري مجو ياد آيو جيڪو ريل کاتي ۾ ننڍو ملازم ڀرتي ٿيو هو، پر کيس بالا آفيسرن جي هيسائڻ ۽ پگهار مان ڪٽوتي ۽ ٻين نا انصافين کيس باغي بنائي ڇڏيو هو. پوءِ هو نوڪري ڇڏي ڌرتي ڌڻين جي حقن جو آواز بلند ڪرڻ لڳو! هو هڪ ٻه دفعا جيل به موڪليو ويو هو. جيل مان آزادي ماڻڻ کان پوءِ هو ويتر انقلابي ٿي پيو. نيٺ ھڪ ڏينهن هو سندس ڪجھ  ساٿي ساڻ ڪري ريل جون پٽڙيون اکوڙڻ لڳو ۽ ان دوران  کيس گرفتار ڪيو ويو. ڪيس هلندي ڪورٽ  ڦاهي جي سزا ٻڌائي. مقرر ڦاهي واري ڏينهن جهونجهڪڙي ويل کيس ڦاهيءَ لاءِ کڻي ويندڙ سڀ آفيسر کولي جي ٻاهران بيٺل هئا. جيل سپرنٽينڊنٽ کوليءَ جو در کوليو ۽ در جو آواز ٿيو چررڙ… مجو فرش تي ليٽيل هو. ھن اکيون کوليون. هن جي اکين ۾ ساڳي ڪاوڙ ۽ چڙ ھئي.

جيلر هن جي سامهون بيهي چوڻ لڳو: تنهنجي آخري خواهش؟…. “هن ديس جي ماڻھن کي آزاد جيئڻ لاءِ سندس حق ڏنا وڃن، ساڻن انصاف ڪيو وڃي!” هن وراڻيو. جيل سپرنٽينڊنٽ منهن ٻي پاسي ڦيرائي ڇڏيو ۽ کيس هٿ ڪڙيون هڻي کولي جي دروازي کان ٻاهر آندو. ٻيهر وري لوهي در بند ٿيو ۽ ساڳي ڀيانڪ آواز چررڙ گونجيو. جيل جي ڊگهن وڻن ۾ پرهه ويل پکين جي لاتين جا آواز گونجڻ لڳا. ڄڻ پکي ان ساري عمل تي احتجاج ڪري رهيا هئا. پوءِ مجوءَ کي ڦاهي گهاٽ ڏانهن وٺي هلڻ لڳا ۽ پڪي فرش تي بوٽن جا آواز ٽڪ، ٽرڙ، ٽڪ گونجڻ لڳا ۽ ماڪ جو گهرو ڏونگر آھستي آھستي ڌنڌلو ٿيڻ لڳو, پوءِ مجو کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. مجو جو ڪنڌ ڦاهي جي ڦندي تي ائين لٽڪي رهيو هو، جيئن  کجين ۾ پڪل ڇڳا! هن جي اڃان الهڙ وهي هئي. هن جي مائٽن وهندڙ اکين ۽ ڏڪندڙ ھٿن سان هن جو لاش وصول ڪيو، ڄڻ ته ان ڏينهن کان سندن باقي زندگي تي ليڪ اچي ويئي. جيئن واپس ڪيل قرض کي ليڪ ايندي آھي. گگن اهو ياد ڪري امير خسرو جو شعر ڀڻڪيو:

همه آهوان صحرا سر خود نهاد  بر کف,

به اميد آن ک روزي بشکار خواهي آمد.

(رڻ جا سڀ هرڻ پنهنجا سر تري تي رکي آيا، انهيءَ اميد تي ته تون ڪڏھن شڪار ڪرڻ ايندين)

پوءِ هن سوچيو مجو جي بددعا ڪري هيءَ جنڪشن تباه ته ڪانه ٿي! هن کي وري خيال آيو هتي ته ڪيترائي ادارا تباه لڳا پيا آھن. شايد انهن کي به مجو جهڙن مظلوم ماڻھن جون پٽون ۽ پاراتا آھن! پوءِ هو آخري دفعو جنڪشن کي ڏسي ٿو ۽ مايوس ٿي پٺ تي موٽي ٿو.