| ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز: قومي اسڪواڊ ۾ 2 تبديليون |
لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ ٻن تبديلين جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب، عبدالله شفيق کي عبدالله فضل جي جڳهه تي قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عبدالله فضل انجري سبب ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿي ويو هو. عبدالله شفيق کان علاوه سعود شڪيل کي به اضافي متبادل طور ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي. ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جي ايندڙ اسائنمينٽ انگلينڊ جو دورو آهي. پاڪستاني ٽيم انگلينڊ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو آهن.