ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪيمپ ختم: رضوان ۽ سعود فٽ: شان مسعود کي ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪيمپ ختم: رضوان ۽ سعود فٽ: شان مسعود کي ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪيمپ ختم ٿي وئي، محمد رضوان ۽ سعود شڪيل فٽ ويا،  شان مسعود کي ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران لڳايل ريڊ بال ڪرڪيٽرن جي هڪ مهيني کان جاري پري سيزن ڪيمپ ختم ٿي وئي آهي. ذريعن موجب، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان 6 يا 7 جولاءِ تي ٿيندو، جنهن ۾ شان مسعود کي بطور ڪپتان برقرار رکڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سينئر بيٽر سعود شڪيل ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ري هيب مڪمل ڪرڻ بعد فٽنيس جي مسئلن مان جان ڇڏائي ورتي آهي ۽ ٻئي رانديگر هاڻي سليڪشن لاءِ دستياب آهن. پي سي بي پاران پريس ڪانفرنس ذريعي هن ڀيري انهن ٻنهي سيريز جي ممڪنه رانديگرن جو اعلان ڪيو ويندو. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ چونڊيل ٽيم ۾ هڪ يا ٻه تبديليون ڪيون وينديون. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪنڊيشنز کي سامهون رکندي ٻنهي سيريز ۾ فاسٽ بالرن جو انگ وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي. اسپنرن ۾ ساجد خان آٽوميٽڪ چوائس آهي، سندس سان گڏ علي عثمان کي زير غور آڻي سگهجي ٿو. نوجوان بيٽرن عبدالله فضل ۽ اذان اويس کي به موقعو ملندو. اسلام آباد ۾ قومي ٽيم جو فائنل تربيتي ڪيمپ 9 جولاءِ کان 12 جولاءِ تائين ٿيندو، ۽ 13 جولاءِ تي ٽيم ويسٽ انڊيز لاءِ رواني ٿيندي.