ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، بابر اعظم ڪپتان، لاڙڪاڻو ايڪسپريس شاهنواز ڏاهاڻي نظرانداز

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان، بابر اعظم ڪپتان، لاڙڪاڻو ايڪسپريس شاهنواز ڏاهاڻي نظرانداز

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ بابراعظم کي پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن لاڙڪاڻا ايڪسپريس شاهنواز ڏاهاڻي کي هڪ ڀيرو وري نظرانداز ڪندي کيس ٽيسٽ ٽيم ۾ به شامل نه ڪيو ويو.  قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد ڪيو. اسد شفيق ۽ اڳوڻو ڪپتان مصباح الحق به موجود هئا. پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان، شان مسعود، امام الحق، اذان اويس، عبدالله فضل، سلمان علي آغا، غازي غوري ۽ محمد رضوان شامل آهن اسڪواڊ ۾ ساجد خان، علي عثمان، عامر جمال، محمد علي، محمد عباس، عبيد شاهه، اويس ظفر ۽ خرم شهزاد به شامل آهن. مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل فٽنس جي مسئلن سبب اسڪواڊ جو حصو نه بڻجي سگهيو آهي پاڪستاني ٽيم دوري جي شروعات ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ ميچز کان ڪندي قومي ٽيم 18 جولاءِ تي ٽراوبا ۾ وارم اپ ميچ کيڏندي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ 25 کان 29  جولاءِ تائين ٽراوبا ۾ کيڏيو ويندو. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي عاقب جاويد چيو آهي ته مان ۽ اسد شفيق سليڪشن ڪميٽي ۾ 18 مهينن کان آهيون، مصباح الحق ۽ سرفراز احمد کي شامل ٿيندي 6 مهينا ٿيا آهن. 3 فارميٽ آهن اوهان کي ڏسڻو پوندو آهي ته ڪهڙي فارميٽ ۾ ڪنهن جي پرفارمنس  ڪيئن آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻو ايڪسپريس شاهنواز ڏاهاڻي، نعمان علي کي به ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي