وينزويلاـ آمريڪا جنگ: روس ۽ چين جي حڪمت عملي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي؟….جاويد ڀٽي

                 وينزويلا جي صورتحال هڪ “گلوبل پاور اسٽرگل” جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي  وينزويلا اڄ رڳو هڪ لاطيني آمريڪي ملڪ نه رهيو آهي، پر اها ڌرتي هاڻي عالمي طاقتن جي سڌي مقابلي جو ميدان بڻجي چڪي آهي. هتي هلندڙ تڪرار کي صرف “آمريڪا- وينزويلا جنگ” چئي محدود نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن بحران جي جڙ ۾ پيٽرو ڊالر ڊپلوميسي، توانائيءَ جي سياست، ۽ عالمي طاقت جي ٻيهر ورڇ سمايل آهي. 1973 کانپوءِ تيل هڪ عام واپاري جنس نه رهيو، پر اهو عالمي حڪمتِ عملي (Strategic Commodity) بڻجي ويو، جنهن جي ڪنٽرول سان رڳو معيشت نه، پر حڪومتون به ٺهن ۽ ڊهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا لاءِ اهو ڪڏهن به قابلِ قبول نٿو ٿي سگهي ته سندس پاڙيسري خطي ۾ واقع دنيا جي سڀ کان وڏي تيل واري رياست، روس ۽ چين جهڙين مخالف طاقتن جي اقتصادي ۽ فوجي اثر هيٺ رهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وينزويلا بابت قدم، رڳو هڪ فوجي آپريشن نه، پر “مونرو ڊاڪٽرائين” جي نئين تشريح آهي، جنهن جو واضح مقصد لاطيني آمريڪا مان غير مغربي طاقتن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ آمريڪي بالادستي کي ٻيهر قائم ڪرڻ آهي. هيءَ صورتحال وينزويلا کي هڪ قومي بحران کان ڪڍي، سڌي طرح گلوبل پاور اسٽرگل جي مرڪز ۾ آڻي بيهاري ٿي.

1. وينزويلا جي تيل جي صنعت تي اثر (Oil Industry Impact)

وينزويلا وٽ دنيا جا سڀ کان وڏا تيل جا ذخيرا آهن، پر سالن جي بدانتظامي ۽ پابندين سبب پيداوار گهٽجي وئي هئي. هاڻي Chevron ۽ ٻيون آمريڪي ڪمپنيون وينزويلا جي تيل جي کوهن (Oil Wells) جو سڌو سنئون انتظام سنڀالينديون. ان سان پيداوار ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو. جيڪڏهن وينزويلا جي تيل جي پيداوار روزانو 2 کان 3 ملين بيرل تائين پهچي وئي، ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي سگهن ٿيون، جنهن سان آمريڪا ۽ يورپ کي فائدو ٿيندو. مادورو جي دور ۾ تيل جا گهڻا معاهدا چين ۽ روس سان هئا. هاڻي اهي ملڪ پنهنجي سيڙپڪاري ٻڏڻ جي خوف ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته نئين انتظاميا انهن معاهدن کي رد ڪري سگهي ٿي. چين ۽ روس جو ردعمل هن وقت عالمي سياست (Geopolitics) جو سڀ کان حساس معاملو آهي. اهي ٻئي طاقتون وينزويلا کي پنهنجي اثر هيٺ رکڻ لاءِ گذريل ڏهن سالن کان وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيون هيون. هاڻي جڏهن آمريڪا سڌي مداخلت ڪئي آهي، ته انهن جو ردعمل هيٺين رخن ۾ ٿي سگهي ٿو.

روس وينزويلا جو سڀ کان وڏو فوجي اتحادي رهيو آهي. ان سلامتي ڪائونسل کان گهر ڪئي آهي ته آمريڪا ڪنهن ملڪ تي هلان ڪري سڌي دهشگردي ڪئي آهي، ان کي روڪڻ لاءِ ترت اجلاس گهرايو وڃي. روس گڏيل قومن (UN) جي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي قدم کي “غير قانوني” قرار ڏيندو ۽ ويٽو پاور استعمال ڪندي ڪنهن به آمريڪي قرارداد کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو. روس جا غير سرڪاري فوجي دستا (جهڙوڪ ويگنر يا ساڳيا گروپ) وينزويلا ۾ موجود ٿي سگهن ٿا، جيڪي نئين حڪومت خلاف گوريلا جنگ يا مزاحمت ۾ مادورو جي وفادارن جي مدد ڪري سگهن ٿا. روس يوڪرين يا اوڀر يورپ ۾ پنهنجا حملا تيز ڪري سگهي ٿو ته جيئن آمريڪا جو ڌيان وينزويلا تان هٽائي سگهجي. چين جو مفاد سياسي کان وڌيڪ معاشي آهي، ڇاڪاڻ ته وينزويلا سندس اربين ڊالرن جو قرضدار آهي. چين نئين عبوري حڪومت تي دٻاءُ وجهندو ته مادورو دور جا ورتل قرض (تقريبن 60 ارب ڊالر) واپس ڪيا وڃن. جيڪڏهن نئين حڪومت انڪار ڪيو، ته چين ان کي “عالمي ڌاڙو” قرار ڏيندو. چين جا وينزويلا جي تيل جي ڪمپني (PDVSA) سان ڊگهي مدت جا معاهدا آهن. چين عالمي عدالتن ۾ انهن معاهدن جي دفاع لاءِ قانوني جنگ وڙهندو. چين لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن (برازيل، ڪولمبيا) کي آمريڪي اثر کان پري رکڻ لاءِ پنهنجي معاشي مدد وڌائيندو.

2. نئين عبوري حڪومت جي جوڙجڪ (Interim Government Structure)

مادورو جي گرفتاريءَ کانپوءِ سڀ کان وڏو چئلينج هڪ اهڙي حڪومت بنائڻ آهي، جيڪا وينزويلا جي عوام ۽ عالمي برادريءَ کي قبول هجي. امڪان آهي ته ماريا ڪورينا مچاڊو (Maria Corina Machado) يا ان جي ڪنهن ويجهي ساٿي کي عبوري صدر مقرر ڪيو وڃي. مچاڊو کي وينزويلا ۾ وڏي مقبوليت حاصل آهي. وينزويلا جي مخالف ڌر جيڪا هاڻ اقتدار ۾ اچڻ جي تياري ڪري رهي آهي، تنهن آمريڪي ڪارروائي جي آجيان ڪندي نئين حڪومت جو اعلان به ڪيو آهي. نئين حڪومت جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي ته وينزويلا جي فوج (FANB) جا اهي جنرل جيڪي مادورو جا وفادار هئا، انهن کي يا ته گرفتار ڪيو وڃي يا کين نئين نظام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قائل ڪيو وڃي. جڏهن ته آمريڪا جي مدد ڪندڙ جنرلن جا سي آء اي سان ڳجهن اجلاس ۾ نئين حڪومت جي حوالي سان صلاح مشورا به مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ ان جي صدر ٽرمپ کان اجازت گهربل آهي. عبوري حڪومت جو پهريون مقصد ڇهن مهينن کان هڪ سال جي اندر “آزاد ۽ شفاف چونڊون” ڪرائڻ هوندو. آمريڪا ۽ او اي ايس (OAS) ان عمل جي نگراني ڪندا. هن وقت صورتحال هڪ “گلوبل پاور اسٽرگل” جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه هنڌن تي بغاوت جون خبرون آهن، پر وينزويلا جي دفاع واري وزير ولاديمير پيڊرينو لوپيز سرڪاري طور تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن آمريڪي آپريشن کي “بزدلاڻي ڪارروائي” قرار ڏيندي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. فوج جي اعليٰ قيادت اڃا تائين ظاهري طور تي مادورو جي نظام سان وفاداريءَ جو دم ڀري رهي آهي. پر ان فوجي آپريشن ۾ سرڪاري فوج غداري به ڪئي آهي، عالمي اخبارن (جهڙوڪ The Guardian ۽ Reuters) مطابق، آمريڪي حملي دوران وينزويلا جي فوج جي ڪجهه اهم يونٽن مزاحمت ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي يا پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. خيال آهي ته آمريڪي انٽيليجنس اڳ ئي وينزويلا جي ڪجهه جنرلن سان خفيه رابطا ڪيا هئا. آمريڪي سي آء اي جو هڪ خاص مخبر، جيڪو صدر جي صفا ويجهو هو، ان ئي اصل ڪارروائي ۾ مدد ڪئي ۽ ان کي سيف هائوس ۾ وڃڻ کان روڪڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو، جنهن سان اها گرفتاري عمل ۾ آئي آهي. دفاعي ماهرن موجب وينزويلا جي فوج هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي، اهي جنرل جن جا معاشي مفاد مادورو سان هئا، اهي اڃا تائين مزاحمت جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. جونيئر آفيسر ۽ اهي سپاهي جيڪي ملڪ جي خراب معاشي حالتن کان تنگ هئا، اهي آمريڪي حمايت يافته تبديليءَ کي هڪ موقعي طور ڏسي رهيا آهن. جيڪڏهن نئين عبوري حڪومت (نائب صدر دلسي رودريگيز يا مخالف ڌر جي ماريا ڪورينا مچاڊو) فوج کي “عام معافي” (Amnesty) جو يقين ڏياري ٿي، ته وڏي پيماني تي بغاوت ٿي سگهي ٿي. آمريڪا جو پلان آهي ته وينزويلا جي فوج کي ختم ڪرڻ بدران ان کي ري-اسٽرڪچر ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ امن امان برقرار رهي.

عالمي اخبارن موجب، وينزويلا جي فوج جو گهڻو حصو هن وقت “انتظار ڪريو ۽ ڏسو” (Wait and See) واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. اهي ڏسڻ چاهين ٿا ته آمريڪا ڪيتري حد تائين ڪنٽرول سنڀالي ٿو ۽ نئين حڪومت کين ڪهڙي پيشڪش ڪري ٿي. نومبر 2025 ۾، وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو ميامي (Miami) ۾ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ وينزويلا جي تيل ۽ گيس جي ذخيرن کي آمريڪي ڪمپنين لاءِ کولڻ جو واعدو ڪيو ويو هو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڪجهه مهينن کان وينزويلا جي ڪجهه اهم جنرلن سان ڳجهي رابطي ۾ هئي. انهن کي “عام معافي” (Amnesty) ۽ نئين حڪومت ۾ عهدن جو لالچ ڏنو ويو هو ته جيئن اهي حملي وقت مزاحمت نه ڪن. آپريشن “ايبسوليوٽ ريزولو” (Operation Absolute Resolve) جي نالي سان آمريڪا اڳ ئي ڪيريبين سمنڊ ۾ پنهنجا ٻيڙا ۽ 150 کان وڌيڪ جهاز تيار ڪري چڪو هو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته پلاننگ مڪمل هئي.

3. آمريڪا سان سڌي ويڙهه يا نئين “ڪولڊ وار”؟

تجزيا نگارن جو خيال آهي ته چين ۽ روس آمريڪا سان سڌي جنگ (Direct War) نه ڪندا، پر اهي هيٺيان قدم کڻي سگهن ٿا، چين جواب ۾ آمريڪي ڪمپنين تي ڪجهه پابنديون لڳائي سگهي ٿو. اهي گهرو ويڙهه کي هٿي ڏيڻ لاءِ مالي ۽ هٿيارن جي سپلاءِ ڪري سگهن ٿا. برڪس (BRICS) جو استعمال ڪري اهي ملڪ هن پليٽ فارم ذريعي وينزويلا ۾ آمريڪي مداخلت خلاف هڪ عالمي بلاڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا. آمريڪا لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج اهو آهي ته هو چين ۽ روس کي ڪيئن قائل ڪري ته اهي نئين حڪومت کي قبول ڪن. جيڪڏهن آمريڪا انهن کي وينزويلا جي تيل ۾ ڪجهه حصو يا قرض جي واپسي جي خاطري ڏياري، ته معاملو ٿڌو ٿي سگهي ٿو. پوري ملڪ ۾ خاموش بغاوت شروع ٿي وئي آهي. آمريڪي آپريشن ۾ روس ۽ چين جي جديد فوجي دفاعي نظام کي به انهن ڪمانڊرن ئي هلڻ نه ڏنو هو. ڪيترا ئي جنرل عهدا ڇڏي روپوش ٿي ويا آهن يا آمريڪي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا اٿن. ڪاراڪاس جي ڪجهه حصن ۾ مادورو جي حامين (Colectivos) احتجاج ڪيو آهي، پر فوج جي وڏي حصي نئين عبوري حڪومت جي قيام تائين پاڻ کي بيرڪن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

جديد دنيا ۾ فيصلا اصولن تي گهٽ، ۽ طاقت جي توازن تي وڌيڪ ٿين ٿا. بين الاقوامي قانون، گڏيل قومون، ۽ عالمي ادارا نظرياتي طور اهم ضرور آهن، پر عملي طور تي انهن جي حيثيت اتي ختم ٿي وڃي ٿي، جتي طاقتور رياستن جا مفاد شروع ٿين ٿا. حقيقت پسند نظريي (Realism) موجب، دنيا ڪا منظم اخلاقي برادري نه، پر هڪ اينارڪڪ نظام آهي، جتي هر رياست پنهنجي بقا، وسيلن ۽ اثر کي وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿي. آمريڪا، روس ۽ چين جهڙيون طاقتون انهيء منطق تحت ڪم ڪن ٿيون، جتي قانون طاقت جي تابع هوندو آهي، طاقت قانون جي نه. وينزويلا ۾ ٿيندڙ واقعا اهو واضح ڪن ٿا ته مستقبل جي عالمي سياست “سڌين جنگين” بدران پراڪسي جنگين، معاشي دٻاءُ، ۽ سياسي مداخلتن ذريعي اڳتي وڌندي. جيڪڏهن آمريڪا چين ۽ روس کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين معاشي يا توانائيءَ جي حصيداريءَ تي راضي نه ڪري سگهيو، ته هي بحران هڪ ڊگهي “نئين ڪولڊ وار” جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. هن دنيا ۾ فرد هجي يا رياست – بقا صرف طاقت سان ڳنڍيل آهي. جيڪو طاقتور آهي، اهو ئي قانون لکي ٿو، ۽ جيڪو ڪمزور آهي، اهو قانون پڙهي ٿو. وينزويلا جي ڪهاڻي دراصل اسان سڀني لاءِ هڪ کليل سبق آهي ته عالمي سياست ۾ اخلاق کان اڳ مفاد، ۽ مفاد کان اڳ طاقت ڳالهائيندي آهي.