وينزويلا آمريڪا جي 51هين رياست: ٽرمپ نقسو جاري ڪري ڇڏيو

وينزويلا آمريڪا جي 51هين رياست: ٽرمپ نقسو جاري ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي وينزويلا جو هڪ نقشو شيئر ڪيو، جنهن تي لکيل آهي 51 هين رياست. فاڪس نيوز سومر تي ٽرمپ هڪ ٽيليفون گفتگو دوران چيو ته هو وينزويلا کي آمريڪا جي 51 هين رياست بڻائڻ تي غور ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر پاران اڳ ۾ ڪينيڊا ۽ گرين لينڊ لاءِ اهڙا بيان ڏنا ويا آهن، جن جي اتي جي حڪومتن ۽ ماڻهن سخت مخالفت ڪئي هئي.