وينزويلا آمريڪي مخالفن جي پناهگاهه هو، خدشا ختم نه ٿيا ته حملو ڪري سگهون ٿا: آمريڪا

  وينزويلا آمريڪي مخالفن جي پناهگاهه هو، خدشا ختم نه ٿيا ته حملو ڪري سگهون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته وينزويلا اسان جي ڪيترن ئي مخالفن جي لاءِ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي ۽ آمريڪا چاهي ٿو ته ملڪ هاڻي منشيات جي اسمگلنگ جي پناهه گاهه نه رهي. آمريڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ روبيو چيو ته آمريڪا وينزويلا جي ماڻهن لاءِ بهتر مستقبل چاهي ٿو ملڪ جي تيل جي صنعت اهڙي هجڻ گهرجي جو دولت سڌي سنئين ماڻهن تائين پهچي. جڏهن پڇيو ويو ته آمريڪا کي ڪهڙي قانوني اختيار تحت اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جو حق آهي، ته هن جواب ڏنو ته اسان وٽ عدالتي حڪم آهن، ڇا عدالت کي قانوني اختيار ناهي؟ هن سوال تي ته ڇا آمريڪا وينزويلا کي هلائي رهيو آهي، روبيو چيو ته آمريڪا انهي طرف هلي رهيو آهي جيڪو شين کي اڳتي وڌائي ٿو. روبيو صدر نڪولس مادورو کي ملڪ جو ناجائز صدر سڏيو، ۽ چيو ته هو اهڙو ماڻهو هو جنهن سان اسان ڪم نه پيا ڪري سگهون. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته جيڪڏهن وينزويلا پناهگيرن ۽ منشيات جي اسمگلنگ بابت آمريڪا جي خدشن کي حل نه ڪندو ته آمريڪا مادورو جي گرفتاري کان اڳ موجود سڀني آپشنز کي استعمال ڪندو صدر ٽرمپ وڏي حملي جو امڪان رد نه ڪيو آهي ۽ نه ئي فوج اتي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. روبيو چيو تهان جو مطلب اهو آهي ته وينزويلا ڏانهن ويندڙ يا ٻاهر نڪرندڙ پابندي لڳل ٽينڪر آمريڪي عدالت جي حڪمن تحت ضبط ڪيا ويندا.