وينزويلا تي آمريڪي حملو، مادورو جي گرفتاري ۽ ٽين عالمي جنگ ….حسن پٺاڻ

                 اکين تي ڪارو ماسڪ چڙهيل، هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جي بوتل ۽ جسم تي ٽريڪ سوٽ پاتل، آمريڪي جي صدر ٽرمپ، حراست ۾ ورتل وينزويلا جي صدر مادورو جي تصوير پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪري دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته طاقت قانون کان مٿاهين آهي. ۽ ثابت ڪيو آهي سندس عمل فوجي برتري سبب اخلاقيات، بين الاقوامي قانونن ۽ ڪنهن به رياستي خودمختياري کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

                 وينزويلا تي آمريڪي فوجي حملو، صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري جي گرفتاري، ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان رڳو عالمي اڻوڻندڙ واقعو ناهن، پر اهي عالمي نظام ۾ جاري گهري ڏڦيڙ جون چٽيون نشانيون آهن. هي واقعو واضح ڪري ٿو ته ايڪيهين صديءَ ۾ عالمي سياست ڪيتري تيزيءَ سان اوڻويهين صديءَ جي سامراجي روين ڏانهن موٽي رهي آهي.

                 آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو چوڻ ته، “جيستائين اقتدار جي منصفاڻي منتقلي ممڪن نه ٿي ٿئي، تيستائين آمريڪا وينزويلا کي ھلائيندو”، دراصل گڏيل قومن جي چارٽر، رياستي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانون جي تصور جي کليل ڀڃڪڙي ۽ توهين آهي. ڪنهن خودمختيار ملڪ تي هڪ طرفو فوجي حملو، ان جي صدر کي گرفتار ڪري ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ، ۽ پوءِ ان جي وسيلن، خاص ڪري تيل جي ذخيرن کي آمريڪي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جو اشارو، اهي سڀ عمل ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت يا انساني حقن جي پاسداريءَ سان نٿا جوڙي سگهجن۔

وينزويلا جو هي بحران حقيقت ۾ لاطيني آمريڪا ۾ “مونرو ڊاڪٽرائن” جي نئين شڪل ۾ واپسي آهي. اوهان کي ياد هوندو 1823ع ۾ آمريڪي صدر جيمز مونرو اهو نظريو پيش ڪيو هو ته لاطيني آمريڪا آمريڪي اثر هيٺ رهندو. هن ڊاڪٽرائن تحت سڄي خطي ۾ چونڊيل حڪومتون ڪيرايون ويون هيون، ۽ فوجي آمريتون مڙهيون ويون هيون، پوءِ اتي جي قدرتي وسيلن جو بي دريغ استحصال ڪيو ويو هو. اهڙي طرح 1973ع ۾ چلي جي فوجي بغاوت، جنهن ۾ سي آءِ اي جي ڪردار سبب هزارين  ماڻهو مارجي ويا هئا،  سامراجي پاليسيءَ جا بدترين مثال آهن. اڄ مادورو جي گرفتاري انهيءَ ئي تاريخي تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي. فرق رڳو ايترو آهي جو هاڻي نه عالمي جاچ جي ضرورت سمجهي وڃي ٿي، نه گڏيل قومن جي منظوري ورتي وڃي ٿي، ۽ نه ئي عالمي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڏهاڪن کان رجيم چينج کي جمهوريت، انساني حقن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي نالي تي جائز بڻائيندا رهيا آهن. عراق، ليبيا، افغانستان ۽ شام انهيءَ پاليسيءَ جا چٽا مثال آهن. جڏهن ته هر هنڌ نتيجو ساڳيو نڪتو رياستي ادارن جي تباهي، گهرو ويڙهه، لکين انساني جانين جو زيان، ۽ نسلن تائين پکڙيل عدم استحڪام. وينزويلا ۾ به ساڳيو ماڊل ورجايو پيو وڃي. پهرين اقتصادي پابنديون، پوءِ سياسي اڪيلائي، اپوزيشن جي سرپرستي، ۽ آخرڪار سڌي فوجي ڪارروائي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پابندين سبب وينزويلا جي معيشت تباهه ٿي، ۽ پوءِ انهيءَ تباهي کي ئي مداخلت جو جواز بڻايو پيو وڃي.

صدر ٽرمپ جي بيانن ۾ وينزويلا جي تيل جي ذخيرن جو بار بار ذڪر انهيءَ حقيقت کي وائکو ڪري ٿو ته اصل مسئلو جمهوريت نه، پر توانائي ۽ وسيلا آهن. دنيا جي سڀ کان وڏن تيل جي ذخيرن واري ملڪ ۾ آمريڪي ڪمپنين جي بحالي دراصل معاشي قبضي جي چٽي نشاني آهي. اهو ئي فارمولو عراق ۾ به آزمايو ويو، جتي جنگ کان فوراً پوءِ آمريڪي ۽ مغربي تيل ڪمپنيون سرگرم ٿي ويون.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي ڳڻتي وارو بيان يا نيويارڪ سٽي جي ميئر زهران ممداني جو اهو چوڻ ته ڪنهن خودمختيار ملڪ تي هڪ طرفو حملو جنگي قدم آهي، هڪ ڪمزور آواز آهي. حقيقت اها آهي ته عالمي قانون هاڻي طاقتور ملڪن جي مرضيءَ جي تابع ٿي چڪا آهن. غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي، ايران ۽ عرب قيادت تي حملا، ۽ هاڻي وينزويلا هر هنڌ عالمي برادريءَ جي خاموشي جارحيت کي معمول بڻائي ڇڏيو آهي. هي خاموشي رڳو بي حسي نه، پر هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جا اتحادي عالمي قانون ٽوڙي سگهن ٿا ته سڀاڻي ٻي ڪا طاقت به اهو ئي رستو اختيار ڪري سگهي ٿي.

وينزويلا جي معاملي کي وڏي جيو پوليٽيڪل پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. مغربي جارحيت جو اصل نشانو چين آهي، اهڙو ملڪ، جيڪو پهريون ڀيرو چار سئو سالن جي مغربي فني ۽ معاشي اجارداري کي چئلينج ڪري رهيو آهي. لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا ۾ چين جي وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري موجودگي آمريڪا لاءِ هڪ اسٽرٽيجڪ خطرو بڻجي چڪي آهي. چين فوجي ٽڪراءَ بدران ڊگهي مدي واري معاشي حڪمت عملي اختيار ڪئي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي فوجي برتري استعمال ڪندي گهيراءُ جي پاليسي اختيار ڪئي. وينزويلا جهڙا ملڪ هن عالمي ڇڪتاڻ ۾ رڳو شطرنج جا مهرا بڻجي ويا آهن۔ هي ٽين عالمي جنگ جو نئون ماڊل آهي، ٽين عالمي جنگ شروع ٿي چڪي آهي، ان ۾ ڪا مبالغہ آرائي ناهي. فرق رڳو ايترو آهي جو هي جنگ هڪ ئي وقت نه، پر مرحلن ۾ وڙهي پئي وڃي، پهريون هڪ ملڪ، پوءِ ٻيو. هاڻي يا ته آمريڪي جنگي پاليسيءَ جو حصو بڻجو، يا تباهيءَ لاءِ تيار رهو. اها ئي چوائس آهي، جيڪا دنيا کي ڏني پئي وڃي.

وينزويلا کان پوءِ ايران جو نالو نمايان طور ورتو پيو وڃي. جيڪڏهن ايران تي حملو ٿئي ٿو ته ان جا اثر سڄي خطي، خاص ڪري پاڪستان تي به پوندا. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ هن سنگين عالمي تبديليءَ تي سنجيده بحث بدران اختلاف ڪندڙ آواز دٻايا پيا وڃن. پاڪستان کي فوري طور هڪ خودمختيار، ڊگهي مدي واري ۽ علائقائي امن تي ٻڌل حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ گهرجي، نه ته اسين به ڪنهن وڏي طاقت جي جنگ جو ٻارڻ بڻجي سگهون ٿا۔ وينزويلا تي آمريڪي حملو رڳو هڪ ملڪ يا هڪ صدر جو مسئلو ناهي، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ خبردار ڪندڙ اشارو آهي. انساني حق، جمهوريت ۽ عالمي قانون هاڻي رڳو نعرا بڻجي چڪا آهن. حقيقي طاقت فوجي قوت وٽ آهي، ۽ هن حقيقت کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به مزاحمتي يا آزاد حڪمت عملي جي تشڪيل ممڪن ناهي. اڄ سوال اهو ناهي ته دنيا ڪهڙي هجڻ گهرجي، پر اهو آهي ته هن بي رحم عالمي نظام ۾ پنهنجي سالميت، خودمختياري ۽ عوامي مفادن جو تحفظ ڪيئن ڪجي. جيڪڏهن هن سوال تي سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو ويو، ته تاريخ پاڻ کي ورجائڻ ۾ دير نه ڪندي۔