وينزويلا تي آمريڪي حملو ۽ ايران کي ڌمڪيون

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وينزويلا خلاف ‘وڏي پيماني تي حملا’ ڪيا آهن ۽ ملڪ جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواريءَ کي گرفتار ڪري ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي۔ اهڙو بيان ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪولمبيا ۽ ڪيوبا آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ روس به آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وينزويلا تي حملو بين الاقوامي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي۔ روس آمريڪي ڪارروائي کي “هٿياربند جارحيت جو عمل” قرار ڏنو آهي۔ روس وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي حمايت جو به اعلان ڪيو آهي۔ جرمني ۽ اٽليءَ طرفان پڻ وينزويلا تي آمريڪي حملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. اٽلي جي وينزويلا ۾ سفير موجب، هن وقت وينزويلا ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک 60 هزار اطالوي شهري رهائش پذير آهن، جن مان اڪثريت ٻٽي شهريت رکي ٿي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو روزگار يا سياحت جي مقصد لاءِ اتي موجود آهن۔

آمريڪا، جيڪو پاڻ کي دنيا جو ‘ٽائيگر’ ۽ اڪيلو سپرپاور سمجهي ٿو، ان وينزويلا جي سرڪاري ٺڪاڻن تي حملا ڪري ۽ ايران کي ملڪ اندر وڌندڙ احتجاج تي ڪارروائيءَ جون ڌمڪيون ڏيئي عالمي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهي حملا عالمي سطح تي تشدد جي نئين لهر جو سبب بڻجي سگهن ٿا. وينزويلا، جيڪو تيل جي دولت سان مالامال آهي، هميشه آمريڪي نشاني تي رهيو آهي. وينزويلا جي تيل جي تنصيبات ۽ سرڪاري عمارتن تي آمريڪي حملو هڪ واضح جارحيت آهي. آمريڪا جي دعويٰ آهي ته هي حملو وينزويلا جي ‘دہشتگرديءَ’ ۽ ‘منشيات جي واپار’ جي خلاف آهي، پر حقيقت ۾ اهو وينزويلا جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش آهي. وينزويلا 2019 کان آمريڪي تيل جي پابندي هيٺ آهي، جنهن جي ڪري ان کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي پيداوار کي بليڪ مارڪيٽ ۾ تمام گهٽ قيمتن تي وڪڻي، خاص طور تي ايشيائي ملڪن کي. هي ملڪ روزانو 1 ملين بيرل تيل پيدا ڪري ٿو، جيڪو 2000 جي شروعات ۾ 3 ملين هو. هن حملي جو عالمي امن تي اثر واضح آهي. لاطيني آمريڪا ۾، جتي آمريڪي مداخلت جو تاريخي پسمنظر آهي، هي حملو ٻين ملڪن جهڙوڪ ڪيوبا ۽ بوليويا ۾ خوف پيدا ڪري رهيو آهي. آمريڪي حملي جي نتيجي ۾، وينزويلا ۾ انساني بحران وڌيو آهي، جنهن سان عالمي امن کي متاثر ٿيندو.

وينزويلا سان گڏ، ايران کي به آمريڪي ڌمڪيون عالمي امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهيون آهن. اهو عمل وچ اوڀر ۾ تشدد جي نئين لهر جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اقتصادي طور تي، ايران تي حملي جو خطرو تيل جي قيمتن ۾ اضافو ۽ عالمي معيشت کي متاثر ڪري سگهي ٿو. آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي امن جو سفير سڏائي ٿو ۽ دنيا ۾ جنگيون ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪري ٿو، پر ٻئي طرف مختلف ملڪن تي جنگ مسلط ۾ به گهڻو اڳتي آهي، جيڪو هن جي طبيعت ۾ هڪ وڏي تضاد کي ظاهر ڪري ٿو. ايران، جيڪو هنوقت بدترين مالي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، ان کي ڪارروائيءَ جون ڌمڪيون ۽ وينزويلا تي فوجي حملو ڪري مادورو کي گرفتار ڪرائڻ جو عمل بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ لاطيني آمريڪا ۾ امن کي خطرو بڻائي ٿو. ڇا هي امن آهي يا طاقت جو اجايو استعمال؟

عالمي امن کي بچائڻ لاءِ مڪالمي جو رستو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. آمريڪي جارحيت بدران، اقوام متحدہ ۽ ٻين عالمي ادارن ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي. وينزويلا ۽ ايران جهڙن ملڪن سان گفتگو ذريعي اقتصادي ۽ سياسي اختلاف ختم ڪيا وڃن. عالمي برادريءَ کي گهرجي ته اهي خطرا روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي، ۽ پرامن حل کي فروغ ڏئي. مڪالمو نه صرف تشدد کي روڪي ٿو، پر عالمي تعاون کي وڌائي ٿو.