| وينزويلا جو صدر آمريڪي عدالت پيش، الزام رد، ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست داخل |
نيو يارڪ (م ڊ) وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي هٿڪڙيون لڳائي مين هيٽن جي وفاقي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هن منشيات ۽ هٿيارن جا الزام رد ڪري ڇڏيا. هن عدالت ۾ الزام ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. مليل رپورٽن موجب مادورو کي بروڪلن مان هيلي ڪاپٽر ذريعي مين هيٽن آندو ويو، جتان کيس ۽ سندس گهرواري کي هڪ بڪتربند گاڏي ۾ عدالت منتقل ڪيو ويو. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي منشيات ۽ دهشتگردي جي الزامن تحت ڪيس هلايو ويو. عدالت ڪيس بند ڪمري ۾ هلايو ۽ ڪيمرا آڻڻ جي اجازت نه ڏني. عدالت ٻاهران ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو جن مادورو جي آزادي جو مطالبو ڪيو. مادورو کي ڪيس بابت بريفنگ ڏئي وئي. مادورو عدالت جي جج کي ٻڌايو ته آئون اڃا به وينزويلا جو صدر آهيان ۽ جيڪي به الزام لڳايا ويا آهن اهي ڪوڙا آهن ۽ اهڙو ڪو به ڏوهه نه ڪيو اٿم. مادورو تي 25 صفحن تي ٻڌل فرد جرم ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته هن زال مڙس هڪ تشدد پسند ڏوهاري ٽولي مان فائدو حاصل ڪيو جيڪي آمريڪا ۾ ڪوڪين اسمگل ڪندا هئا. مادورو خلاف الزامن ۾ نارڪو دهشتگردي، ڪوڪين اسمگلنگ ۽ آمريڪا خلاف مشين گن ۽ وڏي تباهي جا هٿيار رکڻ جي سازش شامل آهن. انهن الزامن جي ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. جوڙو ضمانت لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيندو، پر ضمانت منظور ٿيڻ جو امڪان ناهي. صدر ٽرمپ کان جڏهن پڇيو ويو ته مادورو جي اغوا جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان کي ڪيئن ٿا ڏسو ٽرمپ چيو ته اهو خراب لفظ ناهي.