Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a3inf5btvb0ou0e2g6ml1tkvnh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ويهين صديءَ جو پهريون اڌ ۽ ڪاري پاڻي جي سزا ...حبدار جاگيراڻي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ويهين صديءَ جو پهريون اڌ ۽ ڪاري پاڻي جي سزا ...حبدار جاگيراڻي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ويهين صديءَ جو پهريون اڌ ۽ ڪاري پاڻي جي سزا …حبدار جاگيراڻي

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌٻڻ واري زمين کي ڪارو پاڻي چون ٿاجڏهن ته جامع سنڌي لغت موجب ڪارو پاڻي معنى اونهي سمنڊ جو پاڻي.انگريزن جي حڪومت جي دؤر ۾ جنم ٽيپ وارن قيدين کي سزا طور موڪلڻ جو هنڌ انڊمان نڪوبار جي پورٽ بليئر ۾ قائم سيلولر جيل هو، بغاوت ڦهلائڻ جي الزام هيٺ ايندڙ قيدين کي جلا وطني، ملڪ بدري يا ڏيهه نيڪالي جي سزا هوندي هئي ۽ ان وقت جي ڪورٽن ۾ سياسي قيدين کي ڪاري پاڻي جي سزا جو اصطلاح حرف عام بڻيل هو.پوري هند سنڌ ۾ عام لوڪن ۾ ڪاري پاڻي جي سزا جو ٻڌي حراس ڦهلجي ويندو هو.ڪاري پاڻي جي سزا وارن قيدين کي هندي اونهي سمنڊ ۾ ڏورانهين هنڌ تي قائم ڪيل سيلولر جيل اماڻڻ جو ٻڌندي ئي الزام هيٺ آيل قيدين جو اڌ ساهه سڪي ويندو هو ڇاڪاڻ ته اتان صرف قيدين جي مري وڃڻ جون خبرون ئي وارثن کي ملنديون هيون، سيلولرجيل جي باندين مان لاش به صرف نامور سياسي قيدين جائي موٽندا هئا باقي عام ۽ گمنام قيدين جا ته لاش به سمنڊ حوالي ڪري سامونڊي جيوت جو کاڄ بڻجڻ لاءِ اڇلايا ويندا هئا. سيلولر جيل انڊمان ۽ نڪوبار جزيرن جي گاديءَ واري هنڌ پورٽ بليئر ۾ قائم آهي جنهن جي اڏاوت جو ڪم انگريز دور ۾ 1896ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1906ع ۾ 10سالن دوران جڙي راس ٿيو.جنهن جي اڏاوت ۾ 5لک 17هزار352روپيا لاڳت آئي، هن جيل جي اڏاوت ۾ ڪتب ايندڙ سرون برما مان آنديون ويون.هن جيل جو نقشو سامونڊي جيو آڪٽوپس جهڙو رکيل آهي ۽ آڪٽوپس جيان ئي ستن پڇن نما شڪل جيان هي جيل به ستن ڊگھين قطارن ۾ ٽن منزلن تي 693 ڪال ڪوٺڙين تي مشتمل هو.سيلولر جيل پنهنجي ساخت ۾ فن تعمير جو شاهڪار آهي،ستن پرن واري سيلولرجيل جي وچ ۾ ڪمانڊ سينٽر ٺهيل آهي جتان سمورين کولين تي نظر رکي ويندي هئي. هن هيبتناڪ جيل جون ڪوٺڙيون انتهائي ننڍڙيون سوڙهيون رکيون ويون هيون جڏهن ته هوا لاءِ فقط هڪ روشن دان رکيو ويو هو.
هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ هن جيل ۾ سياسي قيدين کي قيد ڪيو ويندو هو جتي کين اذيتن واري حياتي گهارڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. سيلولر جيل جون اونچيون ديوارون گذريل ماضيءَ جي لڱ ڪانڊاريندڙ منظرن جي خاموش شاهدي ڏين ٿيون ۽ واڪا ڪري اهو ٻڌائن ٿيون ته انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙن ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪيون.هن جيل ۾ سمورو ڏينهن قيدين کان ناريل جو تيل ڪڍڻ جهڙو سخت جبري پورهيو ورتو ويندو هو.سيلولر جيل ۾ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن اڻ ڳڻين سياسي قيدين کي ڪاري پاڻي جي سزا طور سختيون ڏنيون ويون هيون جن جا نالا اڄ به هن هيبتاڪ جيل جي ڪال ڪوٺڙين جي ديوارن توڙي ڪاريڊور جي ڀتين تي ڪوئلن سان ۽ لوهين شين سان کرچي ڪري اڪريل آهن. هن جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙن جي پهرين کيپ جن کي هند سنڌ جي مختلف علائقن مان جلاوطن ڪري باندي بڻايو ويو انهن ۾ ونايڪ دامودر ساورڪر، ومن رائو جوشي، موهن سنگهه، ڀائي پرمانند۽ نند گوپال هئا جن کي 1909ع کان 1921ع تائين سيلولر جيل ۾ رکيو ويو.آزادي خاطر اسيريءَ جو اهو سلسلو 1938تائين زور شور سان رهيو. سيلولرجيل جي ٽارچرن جون ڪهاڻيون ته اڻ ڳڻيون آهن پرهڪ اهڙو واقعو جنهن بعد برصغير جي آزاديءَ واري هلچل تي پيٽرول هارڻ جهڙو ڪم ڪيو اُهو اِهو هو ته 12مئي 1933ع ۾ آزاديءَ جي اسيرن برطانوي سامراج جي ظلم ستم خلاف احتجاج ڪندي جيل اندر بک هڙتال شروع ڪري ڏني هن بک هڙتالي قيدين مٿان جيل عملدارن سخت تشدد ڪيو پر بک هڙتال ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويا پر هن بک هڙتال دوران مهاوير سنگهه، موهت مهيترا ۽ موهن ڪشور46ڪلاڪ مسلسل بک اڃ تي رهندي پنهنجو ساهه ڏنو.اهڙي واقعي بعدننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي چڻنگ گھر گھر دکي پئي جنهن بعد برطانوي سامراج پاران مجبور ٿي جيل اندر قيدين کي پاڻ ۾ ملڻ ڳالهائڻ جي اجازت به ڏني وئي ته کيس پڙهڻ لکڻ لاءِ ڪتاب اخبارون پڻ ڏنيون ويون.
چئن سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سيلولر جيل اندر قيدين بک هڙتال شروع ڪري ڏني هن ڀيري سندن مطالبو انگريز سامراج جو خاتمو ۽ ملڪ خالي ڪري وڃڻ جو ڪيو ويوهو.هيءَ بک هڙتال هڪ مهيني تائين جاري رهي جنهن ۾ سياسي قيدين جي حالت سخت خراب ٿي وئي هئي جنهن جي ڳڻتي سموري ننڍي کنڊ جي سياسي اڳواڻن توڙي ساڃاهه وند حلقي ۾ محسوس ڪئي وئي جنهن بعد ڪانگريس جي ليڊر مهاتما گانڌي ۽ فطرت جي شاعر رابندرناٿ ٽيگور سيلولر جيل جي سياسي باندين کي بک هرتال ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي .جنهن بعد 28آگسٽ1937ع ۾ بک هڙتال ختم ڪئي وئي ۽ مهيني اندر ئي سمورن سياسي قيدين کي اسيريءَ مان آزادي پڻ ملي.هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ جي مک ڪردارن ۾ مولانامحمود الحسن ديوبندي،حسين احمد مدني، مولانا جعفر ٿانيسري،ڪيشوردت ۽ ويرساورڪر شامل آهن.جن کي جلاوطن ڪري،ڪاري پاڻيءَجي سزا طور سيلولر جيل ۾ ورهين تائين واڙيو ويو.سيلولر جيل اڄ جتي انگريز سامراج جي عقوبت خاني جي علامت طور موجود آهي ته اتي هي جيل اها پڻ شاهدي ڏي ٿو ته آزاديءَ جي عاشقن ڪهڙي بامقصدعزم سان اهي سزائون ڀوڳيون،هي جيل ان حوالي سان وطن پرستن جي قربانين جي علامت پڻ بڻيل آهي.
انڊمان ٻيٽن ۾ 182ننڍا وڏا ٻيٽ آهن جن مان روز آئلينڊ نالي به هڪ ٻيٽ آهي جنهن کي هندستاني ليڊر سڀاش چندر بوس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.1942ع ۾ چيو پئي ويو ته زلزلي سبب روز آئلينڊ ٻڏي ويو آهي پر ان مٿان جاپانين قبضو ڪري ورتو هو.جڏهن ته ان حوالي سان اها معلومات پڻ ملي ٿي ته ٻئي جنگ عظيم دوران 1945ع ۾ برطانوي سامراج جي هندستاني برگيڊ 116هين انفينٽري جاپانين آڏو کوڙي ٻيت حوالي ڪيا. 1942ع کان 1945ع تائين سيلولر جيل به جاپانين جي قبضي هيٺ رهيو جڏهن انڊمان ٻيٽ تي جاپانين قبضو ڪري ورتو هو جاپانين پاران جتي انهن قيدين کي رکيو ويندو هو جن مٿان برطانوي ايجنٽ هجڻ جو الزام هوندو هو.جيل مٿان جاپانين جي قبضي دوران ٻن حصن کي ڀڃي ڀورا ڪيو ويو هو جڏهن ته ورهاڱي بعد به ٻه حصا ٽٽي ڪري پيا.باقي رهيل ٽن حصن کي مئي 1969ع ۾ ميوزيم جو درجو ڏنو ويو ۽ نامور سياسي قيدين جا مجسما يادگار طور بڻايا ويا جن تي ان وقت جي هندستاني وزيراعظم مورارجي ڊيسائي جيل جو دورو ڪيو ۽ گلن جي چادر چاڙهي.سيلولر جيل ۾ قائم يادگار ميوزيم سومر جي ڏينهن کان سواءِ سمورو هفتو سياحن لاءِ کليل هجي ٿو جتي هر شام جو آزادي جي جدوجهد تي ميوزڪ شو ۽ لائيٽ شو ڪيو وڃي ٿو.
سيلولر جيل جيڪا ويهين صدي جي اڌ حصي تائين ڪاري پاڻي جي سزا جو استعارو بڻيل رهي.ڪاري پاڻي جي سزا تي سيلولر جيل جي هڪ سياسي اسير جعفرٿانيسري پنهنجي آتم ڪهاڻي “کالا پاني” لکي جنهن ۾ هن سيلولر جيل ۾ گھاريل ڏهن سالن دوران ڪاٽيل پرتشدد منظرن جو ذڪر انتهائي ڪربناڪ انداز ۾ ڪيو آهي جنهن کي پڙهڻ بعد احساس ٿئي ٿو ته دنيا جي جديد تهذيب جي وارث انگريز ڪهڙي ريت انسانيت سوز سزائن تي عمل پيرا رهي. سيلولر جيل جي هڪ ٻئي بانديءَ وير ساورڪر “کالا پاني” ناول پڻ لکيو آهي جڏهن ته 1958ع ۾ ڊائريڪٽر راج کوسلا جي ڊائريڪشن ۾“کالا پاني” جي نالي سان فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ ديوآنند، مڌوبالا۽ نالني جيونت مک ڪردار ادا ڪيو.فلم بليڪ اينڊ وائيت هئي پر هاڻ کيس رنگين ڪيو ويو آهي . ڊائريڪٽر محمد امين جي ڊائريڪشن ۾ “کالاپاني”جي نالي پاڪستان ۾ پڻ 1963ع ۾ فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ سڌير، شميم آرا، حبيب ۽ طالش ڪردار ادا ڪيا. اهڙي ريت ڪارو پاڻي يا ڪاري پاڻي جي سزا جو موضوع ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ والاريندو پيو اچي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *