| ويڀو ذهين ڪرڪيٽر آهي، لڳي ٿو سڀ رڪارڊ ٽوڙيندو: لڪشمڻ |
هراري (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ زمبابوي دوري لاءِ عارضي هيڊ ڪوچ ويوي ايس لڪشمڻ نوجوان بيٽر ويڀَو سورياونشي جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته هو هر ميچ مان سکي ٿو ۽ مستقبل ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو.15 ورهين جي ويڀَو سورياونشي زمبابوي خلاف ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ 49 بالن تي 81 رنسون ٺاهي ٽيم کي 192 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لڪشمڻ چيو ته اِها اننگز انتهائي ڏکئي وڪيٽ تي کيڏي وئي، جتي بال سُست هو ۽ زمبابوي جي بالرن وٽ سندس خلاف واضح رٿابندي هئي، پر ويڀَو وڏي مهارت سان ان کي ناڪام بڻايو.لڪشمڻ چيو ته ويڀَو هر ٽريننگ سيشن ۽ هر ميچ جو جائزو وٺندو آهي، جنهن سبب سندس راند ۾ تيزيءَ سان سڌارو اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ”هر نئين تجربي سان هو وڌيڪ پختو ٿي رهيو آهي، ۽ اها ئي ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري ٿي.“ هن چيو ته آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز لاءِ کيڏندي ويڀَو دٻاءُ کي جنهن نموني سنڀاليو، ان کان پوءِ زمبابوي سيريز ۾ سندس ٻه ففٽيون ڪا حيرت جي ڳالهه نه هيون. لڪشمڻ جو چوڻ هو ته 14 يا 15 ورهين جي عمر ۾ آءِ پي ايل جهڙي وڏي مقابلي ۾ کيڏڻ پاڻ ۾ هڪ بين الاقوامي ميچ جي برابر هوندو آهي، پر ويڀَو دٻاءُ کان ڊڄڻ بدران ان کي قبول ڪيو. لڪشمڻ موجب، ويڀَو پنهنجي پهرين بين الاقوامي سينچري نه ٺاهي سگهڻ تي مايوس هو، پر ٽيم کيس سمجهايو ته اهو سندس آخري موقعو ناهي، ڇو ته سندس سامهون ڊگهو ڪيريئر موجود آهي.