سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي علاج لاءِ شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. حڪومت پاڪستان پريزن رولز (قيدين ۽ زيرِ سماعت ڪيسن جي جوابدارن، يعني قيدين لاءِ قانون) 1978ع جي ڪجهه شقن جو سهارو وٺندي نظرثانيءَ جي اپيل سان عدالت پهتي آهي. قانونن جي حد تائين حڪومت جو موقف درست آهي، پر ڇا هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين سڀئي ڪم قانونن مطابق ٿيندا آيا آهن؟
هن معاملي تي ان کان وڌيڪ ڪجهه چوڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي نمائندن ۽ حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي جي وفدن جون مخالف ڌر جي اڳواڻن محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽر راجا ناصر عباس جعفري سان ڌار ڌار ملاقاتون ٿيون. تحريڪ انصاف جي هڪ وفد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪئي. حڪومتي اتحادي جماعت جي وفد جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات دوران تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن کان علاوه “تحريڪ تحفظِ آئين” نالي اتحاد جا نمائندا پڻ موجود هئا.
انهن ملاقاتن کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ڏاڍي دلچسپ آهي. سياستدان اهڙيون ئي دلچسپ ۽ “پُر مغز” ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. سياست ۽ سياسي عمل جو اهو ئي حسن آهي، جيڪو اسان وٽ هاڻي آهستي آهستي متروڪ ٿيندو پيو وڃي.
ان ڳالهه ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن ته سياسي عمل تحمل، تدبر ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳتي وڌندو آهي. پر اسان وٽ اڪثر، بلڪه ڪيترائي ڀيرا، سياسي عمل کي تيز ۽ تلخ بيانن ۽ تحقير سان ڀريل جملن جي چهبڪن سان اڳتي وڌايو ويندو رهيو آهي. ان جا نتيجا مختلف خيال ۽ مختلف مزاج رکندڙ 26 ڪروڙ پاڪستانين جي سامهون آهن.
سياسي ۽ معاشي استحڪام جي حوالي سان اسان وٽ ڪڏهن به صورتحال خوشگوار نه رهي آهي، پر لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کان اسان کي ڄڻ ته هڪ بند گهٽيءَ ۾ ڦاسايو ويو آهي. هن صورتحال جا سياستدان ڪيترو سيڪڙو ذميوار آهن ۽ تجربن جي شوقين اسٽيبلشمينٽ ڪيتري ”ذميوار“ آهي، ان تي کليل دل ۽ صاف لفظن ۾ ڳالهائڻ گهرجي.
بدقسمتي اها آهي ته ھاڻوڪيون سياسي جماعتون ضرورت پوڻ تي “نظريهء ضرورت” جون شيدائي بڻجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ نظريهء ضرورت جون نقاد. اھو ته “نه ڪي پورا لڪن لوڪ کان، نه ڪي پڌرا ٿي اچن” جھڙو معاملو ھرگز ناھي. لڪ لڪوٽي راند به ناهي، پر نرم کان نرم لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هتي سڀئي ان ئي “ويڄ جي ٻالڪي” کان دوا وٺڻ جا خواهشمند هئا ۽ آهن، جيتوڻيڪ اها حقيقت سڀني تي چٽي ٿي چڪي آهي ته ويڄ جا اهي بالڪ عطائي آهن. وڏا ويڄ، حاذق حڪيم پاڻ سياستدان آهن، انهن کي ئي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو علاج ڳولڻ گهرجي. اها ئي انهن جي ذميواري آهي. پر ڇا ڪجي، “شفا بخش علاج جي دوا ويڄ جي ٻالڪي وٽ ئي آهي” واري سوچ هتي پاڙون مضبوط ڪري چڪي آهي.
ڇا ڪڏهن هن سوال تي غور ڪرڻ جي زحمت ڪئي ويندي ته اڄ ملڪ ۽ عوام جنهن هنڌ بيٺا آهن، انهن کي ھن حالت تائين پهچائڻ جو اصل ذميوار ڪير آهي؟ آسان جواب اهو ئي آهي ته معاملو “ففٽي- ففٽي” (اڌو اڌ) تي طئي ٿيندو، ان ڪري جو ويڄ جا اهي ٻالڪا هميشه طبقاتي جمهوريت جي مَيڪدي مان ئي پَروانا حاصل ڪندا رهيا آهن.
بهرحال، مختلف خيالن رکندڙ سياسي جماعتن وچ ۾ تازا رابطا خوش آئند آهن. گُهٽ ۽ ٻوسٽ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ اسھپ جو رويو به ختم ٿيڻ گهرجي، جيئن ملڪ جنهن سياسي ۽ معاشي غيرجٽاداريءَ جو شڪار آهي، ان مان نجات حاصل ڪري سگهي ۽ انهن بدترين مسئلن مان پڻ ڇوٽڪارو ملي سگهي، جيڪي سياسي ۽ معاشي غيرجٽاداريءَ جي ڪک مان جنم وٺندا رهيا آهن.
اهي جيڪي چوندا هئا ته سياست ۾ دوستيون ۽ دشمنيون مستقل ناهن هونديون، غلط نه چوندا هئا. اسان ــ (هتي “اسان” مان مراد اجتماعي طور تي به آهي ۽ 1980ع کان پوءِ، خاص طور تي 2000ع کان پوءِ پيدا ٿيل پيڙھيون پڻ) ــ جيڪڏهن گذريل صديءَ جي اٺين ڏهاڪي جي تاريخ جا ورق اٿلائينداسين ته معلوم ٿيندو ته ٽئين فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت خلاف ٺهندڙ سياسي اتحاد ايم آر ڊي ۾ پي اين اي جون اهي جماعتون پڻ شامل هيون، جيڪي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيارڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سهولتڪار رهيون هيون.
ايم آر ڊي نالي اتحاد جي جڙڻ جي تاريخ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته جمهوريت لاءِ ذاتي ڏک، صدما، رنجشون ۽ پراڻيون دشمنيُون دفن ڪري اڳتي وڌڻو پوندو آهي. ڦاهيءَ چاڙهيل ذوالفقار علي ڀٽي جي بيواهه محترما بيگم نصرت ڀٽو به ائين ئي ڪيو. هوءَ پنهنجو ذاتي ڏک وساري جمهوريت خاطر انهن جماعتن سان گڏ ويٺي، جيڪي ٽئين مارشل لا ۽ ڀٽي جي ڦاهيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سهولتڪار رهيون هيون. موجود تاريخ ۾ اهڙا وڌيڪ مثال به موجود آهن. في الحال ايترو ئي چئون ته اڄ گذريل صديءَ جي ستين ۽ اٺين ڏهاڪن جهڙيون حالتون ناهن. ها، اها حقيقت آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ به ناهي ۽ اها به حقيقت آهي ته “ويڄ جي ٻالڪن” جي گرفت ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ مضبوط آهي. ملڪ ۾ طبقاتي نظام آهي. رعيت لاءِ سوچڻ وارو ڪو به ناهي. “ٻالڪي” جي ڀائيواريءَ ۾ ملندڙ حصي تي سڀئي راضي آهن. ڏيکاءَ واري، فيشني مخالفت ۽ بيان بازيءَ ذريعي ماڻهن جي دل وندرائڻ جو ڪو نه ڪو وکر به ته هجڻ گهرجي!
مختصر اهو ته حڪومت، حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ رابطن، ملاقاتن ۽ ڳالهين جو سلسلو قائم رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي خبر ناهي ته هن ملڪ کي عوامي جمهوريت ڪڏهن نصيب ٿيندي. تنهن ڪري اچو ته هن وقت جيڪا طبقاتي جمهوريت دستياب آهي، گهٽ ۾ گهٽ ان کي ئي ڪجهه بهتر بڻايو وڃي. باقي اها ڳالهه ته ڦودني ۾ ڦير آهي، دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي يا سڄي دال ئي ڪاري آهي، ان بابت بهتر ته اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪي دال جي ديڳڙي چلهي تي چاڙهيندڙ آهن. اسان عرض ڪنداسين ته شڪايت ٿيندي.
ها، اسان جي سياستدانن کي اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مسئلا موجود آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ سنگين ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن مسئلا حل ڪرڻا آهن ته اسھپ جي فصل کي ساڙڻو پوندو، نفرت جي سياست کي بنا غسل ۽ ڪفن دفن ڪرڻو پوندو.
9 مئي جي ڪيسن جي حوالي سان هڪ نظرثاني ڪميشن جوڙڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن. ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته “مفرورن جي جنت” به ختم ڪئي وڃي. عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته مسئلن جو حل ڳولڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هر گذرندڙ ڏينهن سان 1973ع جي آئين جون ڳنڍيون ڍريون ٿينديون پيون وڃن ۽ بي اعتماديءَ جي وٿي وڌيڪ وسيع ٿيندي پئي وڃي. اڳ چيو ويندو هو ته وسيلن تي ڪجهه طبقا قابض آهن، هاڻي ماڻهو چئي رهيا آهن ته وسيلن تي محڪما قابض آهن. ساٿاري طبقن کي خيرات ملي رهي آهي. اهي سڀ ڳالهيون چوڌاري ٿي رهيون آهن. ڪن بند ڪري ڇڏڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
پڇاڙڪا اکر:
وسيع بنيادن تي سڌارن جي ضرورت آهي. سياسي عمل جي واھن جي کاٽي ۽ صفائي سياسي جماعتن کي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي. تڏهن ئي وڇوٽيون ختم ٿينديون ۽ سياسي عمل جي وهڪري ۾ رواني پيدا ٿيندي.