هونئن ته سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ نانگ جي ڪکيل ۽ ڪتن جي ڏاڙهيل مريضن کي زندگي بچائيندڙ وئڪسن مفت ملڻ گهرجي، اها به نٿي ملي. سنڌ ۾ ساوڻيءَ جي وسڪاري کانپوءِ ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ نانگن جي ڪکيل مريضن جو تعداد وڌي رهيو آهي، ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ اينٽي سنيڪ وينم جي کوٽ سبب نانگ ڏنگيل ماڻهو تڙپي پساهه پورا ڪري رهيا آهن. رڳو بدين ضلعي جي پنگريي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صرف گذريل هڪ هفتي دوران نانگ کان ڏنگجڻ جا ڇهن کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ ڳوٺ بسم الله پور جي ڏهن ورهين جي سڪندر آرائين سميت ٻه معصوم ٻار حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته عورتن سميت چار ڄڻا متاثر ٿيا آهن. ٿر ۾ اهڙن ڪيسن جي گهڻائي آهي. اهڙا گهڻا ڪيس ته رپورٽ ئي نٿا ٿين. اها ساڳي صورتحال ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جي پڻ آهي.
ڪنهن به مهذب سماج ۾ رياست جي پهرين ذميواري پنهنجي شهرين جي جان جي حفاظت هوندي آهي. جڏهن اهڙيون دوائون، جيڪي نانگ جي ڏنگ يا ڪتي جي ڏاڙهڻ کانپوءِ زندگي بچائڻ لاءِ فوري طور گهربل هجن، سرڪاري اسپتالن مان غائب هجن، تڏهن اهو رڳو انتظامي غفلت جو معاملو نه رهندو آهي، پر عوام جي بنيادي حقن جي لتاڙ جو سوال بڻجي ويندو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ اينٽي سنيڪ وينم ۽ اينٽي ريبيز ويڪسين جي مسلسل کوٽ اهڙي ئي المناڪ تصوير پيش ڪري رهي آهي، جنهن جي قيمت غريب ماڻهو پنهنجي جان سان ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ نانگ جي ڏنگڻ جا واقعا عام آهن، جڏهن ته شهر هجن يا ڳوٺ، رولو ڪتن جي وڌندڙ تعداد سبب ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا به روز جو معمول بڻيل آهن. اهڙين حالتن ۾ هر ضلعي ۽ تعلقي جي سرڪاري اسپتال ۾ اينٽي سنيڪ وينم ۽ اينٽي ريبيز ويڪسين هر وقت موجود هجڻ گهرجي. پر عملي صورتحال ان جي ابتڙ آهي. مريض اسپتالن جا چڪر ڪاٽين ٿا، هڪ اسپتال کان ٻي اسپتال ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، ۽ آخرڪار کين ٻڌايو وڃي ٿو ته ويڪسين موجود ناهي. ان دير دوران ڪيترن مريضن جي حالت نازڪ ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪيترن جون حياتيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. سوال اهو آهي ته جڏهن هر سال انهن واقعن جا انگ اکر موجود آهن، تڏهن به صحت کاتو اڳواٽ منصوبابندي ڇو نٿو ڪري؟ دوائن جي خريداري، ذخيرن جي نگراني ۽ ضلعي سطح تي فراهمي جو نظام ڇو ناڪام آهي؟ سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين نه هئڻ جو سڌو فائدو خانگي مارڪيٽ کي ملي ٿو، جتي اهي دوائون انتهائي مهانگن اگهن تي وڪرو ٿين ٿيون. هڪ غريب مزدور، هاري يا روزاني اجوري تي ڪم ڪندڙ ماڻهو لاءِ اهڙيون دوائون خريد ڪرڻ تقريباً ناممڪن بڻجي وڃي ٿو. نتيجي ۾ غربت سزا بڻجي وڃي ٿي، ۽ علاج جو حق صرف انهن تائين محدود رهجي وڃي ٿو، جيڪي قيمت ادا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. ڇا زندگي بچائڻ جو حق به هاڻي معاشي حيثيت سان مشروط ٿي ويو آهي؟
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز اسلام آباد ۾ ايتري وئڪسين نٿي ٺهي، جيڪا ملڪي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهي. ان گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ڀارت کان وئڪسين گهرائي ويندي هئي پر پوءِ ڀارت سان واپار بند ٿيڻ ۽ ڀارت طرفان پهرين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ خاطر وئڪسين پاڪستان کي نه ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ عام طور تي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي گهڻي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سڪرنڊ ۾ اينٽي سنيڪ وينم ۽ اينٽي ريبيز سيرولاجي ليبارٽري قائم ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هو ته سنڌ پنهنجي ضرورت جون ويڪسينون مقامي سطح تي تيار ڪري سگهي ۽ بار بار پيدا ٿيندڙ کوٽ جو خاتمو آڻي سگهي. پر جيڪڏهن اها ليبارٽري پنهنجي مقصد موجب فعال نه ٿي سگهي، يا سالن کان انتظامي، مالي يا فني مسئلن جو شڪار آهي، ته ان جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي؟ عوام کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته هن منصوبي تي خرچ ٿيل وسيلا ڪهڙو نتيجو ڏئي سگهيا، ۽ جيڪڏهن نه ڏئي سگهيا ته ان جو حساب ڪير ڏيندو؟
هاڻي وقت رڳو بيانن، اعلانن ۽ ڪاغذي دعوائن جو ناهي. سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته فوري طور سڄي صوبي ۾ اينٽي سنيڪ وينم ۽ اينٽي ريبيز ويڪسين جي موجودگي بابت شفاف آڊٽ ڪرائي، هر ضلعي جي اسٽاڪ جي معلومات عوام آڏو آڻي، ذميوار آفيسرن جو احتساب ڪري، ۽ سڪرنڊ ليبارٽري سميت لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي بابت واضح رپورٽ جاري ڪري. جيڪڏهن ڪنهن به سطح تي غفلت، بدانتظامي يا نااهلي ثابت ٿئي ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.