ويگو حادثي دوران وڳوڙ: 22 ڄڻن مٿان دهشتگردي ڪيس داخل، گاڏي مالڪ گرفتار

ويگو حادثي دوران وڳوڙ: 22 ڄڻن مٿان دهشتگردي ڪيس داخل، گاڏي مالڪ گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ماڻهن جي فوت ٿيڻ دوران هل هنگامو ڪرڻ تي پوليس سرڪار جي فرياد تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.. خبر موجب حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ علي اباد ڪالوني وٽ هڪ ويگو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري شهرين مٿان چڙهي وئي هئي. جنهن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا. جنهن دوران مڇريل ماڻهن هنگامو ڪري ويگو کي باهه ڏيڻ سان گڏ هنگاما ڪري ٻين گاڏين کي پڻ نقصان رسايو. ان ڏس ۾ هٽڙي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 22 نامزد ماڻهن خلاف اقدام قتل ۽ دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن هٽڙي پوليس جوابدار زرنواز کي گرفتار ڪرڻ بعد مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو