ويڳاڻپ، بي اعتمادي ۽ حڪمران طبقا: هڪ تاريخي ۽ سماجي جائزو … ڊاڪٽر اعجاز انڙ

                 جڏهن تاريخ ۾ قومن جي زوال، بغاوتن، انقلابن ۽ سماجي بحرانن جو جائزو وٺجي ٿو تہ هڪ حقيقت هر هر سامهون اچي ٿي سا اها تہ جڏهن ڪنهن سماج ۾ عوام ۽ حڪمران طبقن جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو تہ ويڳاڻپ، مايوسي ۽ لاتعلقي جا رجحان جنم وٺڻ لڳن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو نہ رڳو حڪمرانن کان پر آهستي آهستي رياستي ادارن، سياسي نظام ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ کان بہ اوپرائپ محسوس ڪرڻ لڳن ٿا. سماجيات ۾ هن صورتحال کي”ويڳاڻپ” (Alienation) چيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو ناهي تہ ماڻهو پنهنجي وطن کان نفرت ڪرڻ لڳن ٿا پر هو اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪن ٿا تہ سندن زندگيءَ بابت اهم فيصلا اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ آهن، جيڪي سندن مسئلن، اميدن ۽ تڪليفن کان واقف ناهن يا وري واقف هوندي بہ انهن کي اهميت نٿا ڏين.

                 جرمن فلسفي ۽ سماجي مفڪر ڪارل مارڪس “ويڳاڻپ” کي سرمائيدار سماج جي هڪ بنيادي بيماري قرار ڏنو هو. مارڪس موجب، جڏهن انسان پنهنجي محنت، پنهنجي سماج ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلن تي ڪنٽرول وڃائي ويهي ٿو تہ هو آهستي آهستي پنهنجي ئي وجود کان ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ انسان پاڻ کي هڪ آزاد ۽ بااختيار فرد بدران هڪ اهڙي اوزار وانگر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن کي ٻيا ماڻهو پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

مارڪس جو هي تصور صرف ڪارخانن جي مزدورن تائين محدود نہ هو پر وسيع معنيٰ ۾ اهو هر اهڙي سماج تي لاڳو ٿي سگهي ٿو، جتي ماڻهن کي محسوس ٿئي تہ سندن قسمت جا فيصلا سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪيا پيا وڃن. اهڙي حالت ۾ فرد نہ رڳو حڪمرانن کان پر سياسي نظام، ادارن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وطن کان بہ ذهني فاصلو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.

ڊاڪٽر مبارڪ علي جي خيال کي بہ هن تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن چيو تہ، جڏهن ڪنهن قوم تي ڊگهي عرصي تائين سياسي، معاشي يا ثقافتي تسلط قائم رهي ٿو تہ ان قوم جي ماڻهن ۾ ويڳاڻپ جا احساس پيدا ٿيڻ لڳن ٿا. اهي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ چاهين ٿا يا وري صرف بقا جي جدوجهد تائين محدود ٿي وڃن ٿا. انهن لاءِ وطن هڪ گڏيل خواب بدران هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وڃي ٿو، جتي هو صرف وقت گذاري رهيا هوندا آهن.

اهڙي صورتحال بابت لينن زار روس جو تجزيو ڪندي لکيو هو تہ، جڏهن حڪمران طبقو پنهنجي مراعتن ۽ طاقت جي حفاظت ۾ مصروف هجي ۽ عوام جي اڪثريت سياسي عمل کان محروم هجي تہ رياست ۽ سماج جي وچ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويندو آهي. زار روس جي آخري دؤر ۾ هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن جي وڏي حصي کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو هو تہ حڪومت عوام بدران اشرافيه جي نمائندگي ڪري ٿي. نتيجي ۾ ماڻهن جو نظام تي اعتماد ختم ٿيندو ويو ۽ سماج ۾ بي چيني، بغاوت ۽ نظام مخالف لاڙا وڌندا ويا.

لينن جو خيال هو تہ انقلاب صرف معاشي تڪليفن مان پيدا نٿا ٿين پر اهي ان وقت جنم وٺندا آهن، جڏهن حڪمران اڳ وانگر حڪومت ڪرڻ جي قابل نہ رهن ۽ عوام اڳ وانگر حڪمراني قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿين. ٻين لفظن ۾ جڏهن حڪمرانن ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو ٽٽي وڃي تہ سياسي بحران جنم وٺندو آهي.

اڄ بہ جڏهن ڪنهن سماج ۾ ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا تہ سياسي پارٽيون سندن نمائندگي نٿيون ڪن، حڪمران سندن مسئلن کان لاتعلق آهن ۽ ملڪ جا وسيلا محدود حلقن جي قبضي ۾ آهن تہ مارڪس جي “ويڳاڻپ” ۽ لينن جي “اعتماد جو بحران” وارا تصور وري بحث جو موضوع بڻجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جو هڪ حصو لڏپلاڻ ڪري ٿو، ٻيو حصو سياسي لاتعلقي اختيار ڪري ٿو، جڏهن تہ ڪجهه ماڻهو موجوده نظام جي مڪمل رد ڏانهن بہ مائل ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري ويڳاڻپ صرف هڪ نفسياتي ڪيفيت نہ پر هڪ سماجي ۽ سياسي عمل آهي، جيڪو قومن جي مستقبل تي گهرا اثر ڇڏي سگهي ٿو. مارڪس جي “ويڳاڻپ” ۽ لينن جي “اعتماد جو بحران” وارا تصور صرف نظرياتي بحث ناهن پر تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جا عملي مثال ڏسي سگهجن ٿا. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عوام ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلي ڪيترن ئي سياسي تبديلين کي جنم ڏنو. آئرلينڊ، الجزائر، روس ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ملڪن جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀريل آهي، جتي ڊگهي عرصي تائين پيدا ٿيل بي اعتمادي آخرڪار وڏين سياسي ۽ سماجي تبديلين جو سبب بڻي. انهن سڀني مثالن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي: عوام کي محسوس ٿيڻ لڳو هو تہ حڪمران طبقا سندن نمائندگي نٿا ڪن.

پاڪستان جي موجوده صورتحال کي بہ ڪيترائي ماڻهو اهڙي تناظر ۾ ڏسن ٿا. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عوام جي هڪ وڏي حصي ۾ سياسي پارٽين، حڪمرانن ۽ ادارن بابت بي اعتماديءَ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. نوجوانن ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي خواهش، “سڀ سياستدان ساڳيا آهن” واري سوچ، ۽ سياسي عمل کان مايوسي ان رجحان جون علامتون سمجهيون وڃن ٿيون.

سنڌ جي حوالي سان هي بحث وڌيڪ حساس بڻجي وڃي ٿو. هتي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي تہ سنڌ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي معاملن ۾ پنهنجي جائز حقن کان محروم ڪئي وئي آهي، جڏهن تہ ٻيا ان راءِ سان اختلاف ڪن ٿا. پر هڪ ڳالهه واضح آهي تہ جڏهن ڪنهن خطي جا ماڻهو پاڻ کي مسلسل نظرانداز ٿيل محسوس ڪن ٿا تہ انهن ۾ ويڳاڻپ جا احساس جنم وٺڻ فطري عمل آهي.

ان صورتحال جو هڪ اهم پاسو سياسي قيادت بابت مايوسي پڻ آهي. جڏهن ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي محسوس ٿئي ٿو تہ سياسي پارٽيون نظرياتي جدوجهد بدران اقتدار ۽ مفادن جي سياست ڪري رهيون آهن ته انهن جو اعتماد آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي ٿو. نتيجي طور ماڻهو اهو سوال پڇڻ شروع ڪن ٿا تہ جيڪڏهن سڀ قيادتون هڪ جهڙيون آهن تہ پوءِ تبديلي ڪٿان ۽ ڪيئن ايندي؟ هتي هڪ ٻيو اهم سوال بہ پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا حڪمران طبقن کي عوامي بيچيني جو احساس نٿو ٿئي؟

تاريخي تجربو ٻڌائي ٿو تہ گهڻن موقعن تي حڪمرانن کي مسئلن جو احساس هوندو آهي پر اهي مختصر مدي وارن مفادن، اقتدار جي بقا يا گروهي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن حڪمران طبقو ايترو تہ پنهنجي مخصوص مراعات يافته دنيا ۾ مگن رهڻ لڳندو آهي، جو هو عوام جي حقيقي زندگيءَ کان ڪٽجي ويندو آهي. نتيجي ۾ پاليسيون بہ اهڙيون ٺهنديون آهن، جيڪي عام ماڻهن جي ضرورتن بدران طاقتور حلقن جي مفادن جي عڪاسي ڪنديون آهن.

جڏهن عوام ڏسي ٿو تہ ملڪ اندر بحران وڌي رهيا آهن پر حڪمرانن جا اثاثا، سيڙپڪاريون ۽ مفاد ملڪ کان ٻاهر محفوظ آهن تہ ماڻهن جي ذهنن ۾ فطري طور سوال پيدا ٿين ٿا. عوام اهو ڏسڻ چاهي ٿو تہ جيڪي ماڻهو ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪن ٿا، ڇا انهن جو مستقبل بہ ان ئي ملڪ سان ڳنڍيل آهي يا نہ. ڪنهن بہ رياست جي طاقت صرف ان جي فوجي يا انتظامي قوت ۾ نہ هوندي آهي پر عوام جي اعتماد ۾ هوندي آهي. جڏهن اعتماد موجود هوندو آهي تہ قومون ڏکين بحرانن مان بہ نڪري وينديون آهن پر جڏهن اعتماد ٽٽڻ لڳندو آهي تہ معاشي وسيلن، سياسي نعريبازي ۽ انتظامي طاقت جي باوجود بي چيني وڌندي رهندي آهي. ان لاء تاريخ جو سبق صاف آهي تہ قومن کي صرف حڪمراني جي ضرورت ناهي هوندي پر اهڙي حڪمرانيءَ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا انصاف، شموليت، ذميواري ۽ اعتماد تي ٻڌل هجي. جڏهن اهي عنصر ڪمزور ٿين ٿا تہ ويڳاڻپ، لاتعلقي ۽ مايوسي وڌڻ لڳندي آهي..

شايد اڄ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي حوالي سان سڀ کان اهم سوال اهو ناهي تہ ماڻهن ۾ ويڳاڻپ ڇو وڌي رهي آهي پر اهو آهي تہ حڪمران طبقا ان کي سمجهڻ لاءِ ڪيترا تيار آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ قومون صرف معاشي بحرانن سبب ڪمزور ناهن ٿينديون پر تڏهن ڪمزور ٿينديون آهن، جڏهن عوام جو اعتماد ٽٽڻ لڳندو آهي ۽ اعتماد جي بحالي کان سواءِ نہ سياسي استحڪام ممڪن آهي، نہ قومي ٻڌي ۽ ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي.