| وي سي جي انگريزي ۾ تقرير: سهيل آفريدي ڪاوڙجي پيو |
پشاور: خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي انگريزي ۾ تقرير ڪرڻ تي وائس چانسلرتي ڪاوڙجي پيو. بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي پشاور جي نائين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پنهنجي خطاب جي شروعات انهي شعر کان ڪئي ته ميري هاٿ ۾ قلم هي ميري ذهن ۾ روشني وي سي صاحبه انگريزي ۾ تقرير ڪئي جيڪا مون کي سٺي نه لڳي. هن چيو ته سمورين يونيورسٽي کي هدايت آهي ته اسان جي قومي زبان اردو آهي، تقريرون اردو ۾ ٿين مون اڳ به چيو هو. هاڻ ائين ٿيندو ته مون کي ڪاوڙ ايندي.