وي لاگر اسد طور ججز تضحيڪ ڪيس ۾ رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

فيبروري 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت وي لاگر اسد طور کي ججز تضحيڪ ڪيس ۾ رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد اعليٰ عدليه جي ججز جي تضحيڪ جي ڪيس ۾ وي لاگر اسد طور جي جسماني رمانڊ جي ايف آءِ اي جي استدعا منظور ڪري ورتي

عدالت وي لاگر اسد طور کي پنجن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو، وڪيلن کي اسد طور سان ملڻ جي اجازت ھوندي

وي لاگر اسد طور خلاف اعليٰ عدليه جي ججز جي تضحيڪ واري ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد شبير ڪئي، ايف آءِ اي اسد طور کي عدالت ۾ پيش ڪيو

اسد طور موبائيل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته صحافي آھيان، پنھنجو موبائيل فون نٿو ڏئي سگھان

Leave A Comment