وٺي اچو اهڙو ٺيڪيدار جيڪو ٽيڪس اوڳاڙي ڏئي: اسحاق ڊار چڙي پيو

جُون 10, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي وزير اسحاق ڊار پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي سوال تي چڙي پيو ۽ چيو ته اوهان ٺيڪيدار وٺي چڪو، ٽيڪس اوڳاڙي جو ٺيڪو ڏيون ٿا

ناڻي وزير اسحاق ڊار کان صحافي سوال ڪيو ته هن وقت ايف بي آر جو جيڪو هدف آهي ان تي سوال اٿي رهيا آهن، 9هزار 200 ارب ايف بي آر جو هدف رکيو ويو آهي، رڳو 200 ارب ايف بي آر اوڳاڙيندو، ان ۾ ڪهڙي راڪيٽ سائنس آهي، ايتري ايف بي آر مشينري آهي ۽ هدف صرف 200 ارب رکيو ويو آهي، ان کان ته بهتر آهي ته اوهان اهو ڪم ڪنهن ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏيو

صحافي جي ان سوال تي اسحاق ڊار چڙي پيو، ناڻي وزير چيو ته اوهان اهڙو ٺيڪيدار وٺي اچو جيڪو 12 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪري ڏئي، اسان ايف بي آر بدران ان کي ٽيڪس جمع ڪرڻ جو ٺيڪو ڏئي ڇڏينداسين، اوهان اهڙو ٺيڪيدار ڏيو هڪ سال لاءِ ايف بي آر جو موڪل ڪرائي ڇڏينداسين

Leave A Comment