ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي مادر علمين ۾ هراسمينٽ جو نئون اسڪينڊل سامهون اچي ويو،
سڪرنڊ م واقع شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي جي خاتون اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ارم ٻگهيو مادرعلمي جي وائيس چانسلر فاروق حسن خلاف وفاقي محتسب وٽ هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،
ساڳئي درخواست گورنر ۽ وڏي وزير سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير ڏانهن به اماڻي وئي آهي، درخواست ۾ ڊاڪٽر ارم ٻگهيو الزام هنيو آهي ته وائيس چانسلر پي ايچ ڊي الائونس لاءِ مون کي آفيس ٽائيم کانپوءِ اچڻ لاءِ زور ڀريو،
هن چيو ته گرلز هاسٽل جي پوسٽنگ دوران بِل پاس ڪرائڻ لاءِ به مون کي ذاتي طور وي سي آفيس اچڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي مون هاسٽل پرووسٽ واري عهدي تان استعيفا ڏني هئي. هن چيو ته وائيس چانسلر ڪيترا ڀيرا اسٽاف ۽ سينيئر استادن سامهون مون کي گهٽ وڌ به ڳالهايو هو،
ڊاڪٽر ارم ٻگھيو مطالبو ڪيو آهي ته وائيس چانسلر فاروق حسن، ڊاڪٽر زاهد اقبال راجپوت، ڊاڪٽر هدايت الله ۽ ڊاڪٽر عطا محمد ميمڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.