وٽرنري ورسٽي جي وي سي حملو ڪرايو، هراسان ڪيو ويو: ڊاڪٽر ارم

جُون 3, 2023

نوابشاهه (رپورٽر) يونيورسٽي آف وٽرنري اينيمل اينڊ سائنسز سڪرنڊ جي وائيس چانسلر فاروق حسن متي پاران ڊاڪٽر ارم ٻگهيو جي الزام کي رد ڪيو ويو هو جنهن تي ڊاڪٽر ارم ٻگهيو به ردعمل به سامهون اچي ويو آهي

ڊاڪٽر ارم ٻگهيو چيو آهي ته وي سي الزام هڻي پاڻ کي آجو نٿو ڪرائي سگهي، پيٽرول يا بنگلو گهرڻ جا الزام بي بنياد آهن، اسان يونيوسٽي اندر ڪي به ماڻهو نه رکرايا آهن، وي سي يا ڪنهن ٻئي کي ڌمڪايو ناهي

هي به پڙهندا

هن چيو ته پنهنجي مڙس جي دوستن کي داخلا نه ڏيڻ تان عطاءُالله ميمڻ کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه ۾ به ڪا صداقت ناهي، وائيس چانسلر فاروق حسن اسان خلاف جبري ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، اسان کي هراسان ڪري رهيو آهي

ڊاڪٽر ارم ٻگهيو چيو ته يونيورسٽي مان واپس ويندي ڪارن شيشن واري اڇي ڪرولا ڪار ۾ مون کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون گاڏي کان سائيڊ تي وڃي جان بچائي

هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته وائيس چانسلر فاروق حسن متي مان مون کي ۽ منهنجي خاندان کي جاني ۽ مالي خطرو آهي، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪريان ٿي

Leave A Comment