چانڊوڪي رات هئي, رانجهو چارڻ سرندو وڄائيندي وڄائيندي پگهرجي پيو هو, جهوپڙي ۾ ڏياٽي چمڪي رهي هئي, ڏياٽي جي روشني، محبوب جي انتظار ۾ ويٺل عاشق جي اکين جهڙي لڳي رهي هئي, رانجهي چارڻ سرندو رکي ٿڌو ساه ڀريو ۽ پوءِ اٿي مٽڪي مان پاڻي پيتو. پاڻي جي هر هڪ سُرڪي هن جي نڙي مان آواز ڪندي هيٺ ٿي ويئي. پاڻي پِي ھو جيئن ئي ويٺو ته سوچن ۾ گم ٿي ويو, “مون نهايت مشڪل سان تعليم پرائي ۽ اها اميد هئي ته تعليم حاصل ڪري نوڪري وٺي پنهنجي مائٽن جو پيريءَ ۾ سهارو ٿيندس، پر مون کي ڪيترين ئي آفيسن ۾ انٽرويو ڏيڻ باوجود هر ڀيري زباني امتحان ۾ فيل ڪيو ٿي ويو, ۽ نوڪري نه ملي سگهي. نوڪري ملڻ لاءِ مون وٽ نه سفارش ھئي ۽ نه ئي پئسو…. مون ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن جي بنگلن جا چڪر به ڪاٽيا پر اتان مون کي هر ڀيري ايئن چئي موٽايو ٿي ويو ته نوڪريون اهليت جي بنياد تي ملنديون، جيڪڏھن توهان ۾ اهليت هوندي ته ضرور نوڪري ملندي. سفارش وارو دور هاڻي ختم ٿي ويو”. پوءِ هن کي خيال آيو ته، “جهانگي چارڻ کي پئسن تي صوبيداري ملي، جيڪو مون سان گڏ پڙھندو هو ۽ هميشه ڪلاس جي پوئين سيٽ تي منهن لڪائي ويهندو هو”! ھن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ آھستي ڀڻڪيو: “هن جهان ۾ دولت کانسواءِ زندگي اڌوري آھي. مون کي ته ڪٿي بيلداري به ڪونه ٿي ملي. جهانگي صوبيدار ٿي ويو ۽ هاڻي نه رڳو سندس پوڙھن ماءُ پيءَ جي صحيح طريقي سان سار سنڀال ڪري سگهندو پر سندس پويون نسل به موجون ماڻيندو”…. هو اهو سوچي خاموش ٿي ويو. خاموشي هن جي وجود تي ايئن وڇائجي ويئي، جيئن گلگت جي پهاڙن تي برف! هن جهوپڙي جي دريءَ مان هڪ نظر ڳوٺ ڏانهن وڌي، جيڪو ڏيئن جي مڌم روشني سان کڙکٻيتن وانگر جرڪي رهيو هو. رانجهو هن طبقاتي نظام ۾ گهڻو مايوس ٿي چڪو هو. هن سوچيو ته زندگي جو ڪارج ختم ٿي رهيو آھي. ڇا هو ساري زندگي سرندو وڄائي پنهنجو پاڻ کي مطمئن رکي سگهندو؟
هن دنيا ۾ انسان کي جياپي لاءِ نه رڳو ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ لاءِ نان جي ضرورت رهندي آھي پر اجهي ۽ لٽي جي به ضرورت هوندي آھي. علاج ۽ لڳ لاڳاپا نڀائڻ لاءِ پئسي جي به ضرورت آھي. ھن سوچيو ته ان لاءِ هن کي يا ته تارڪ الدنيا ٿي ڪنهن ڏانهن رڻ هليو وڃڻ گهرجي يا وري دنيا ۾ ڪوڙ, دوکو، ٺڳي ڪري دولت حاصل ڪرڻ گهرجي. هو ان متعلق سوچيندو رهيو، پر ان مان ڪنهن به فيصلي تي مطمئن ٿي نه سگهيو. تارڪ الدنيا ماڻھو جيئرو هوندي به مئل رهندو آھي. جڏھن ته دوکي ۽ فريب سان ڪمايل دولت به اڳئين دنيا جو عذاب آھي. ماڻھو ڪيترو جيئندو ۽ اها دولت کيس ڪيترو ڪم ايندي! پوءِ هن انهن ٻنهي طرفن ڏانهن وڃڻ کي رد ڪري ڇڏيو.
هن کي سمنڊ ۾ اها رات ياد آئي، جنهن رات تيز طوفان جاري هو. “ٻيڙياتي ٻيڙي ۾ موجود ماهي گيرن کي بار بار ٿي چيو ته ڪلمون پڙھو، شال ڪا بچڻ جي ڪا راه نڪري اچي! طوفاني لهرن ٻيڙي کي ڄڻ ته زوردار لپاٽون ٿي هنيون. ان رات طوفان سان جهيڙي پندرهن ڏينهن جي سامونڊي سفر کان پوءِ ٻئي ڏينهن ڪناري پهتا هئاسين. مڇي جي شڪار مان فقط ٻ ھزار ڏيئي ايئن چيو هئائون ته ڳوٺ ھليا وڃو، جيستائين موسم صحيح ٿئي, منهنجو حصو ته ٽيهه هزار ٿيو پئي پر ٻه ھزار ڏيئي موڪلي ڇڏيو هئائون”.
هن کي هڪ ٻيو مزدوري جو قصو به ياد آيو, درياءَ تي ٻيڙين تي ڌڪا کائڻ کان پوءِ ھو ڪراچي جي گارمينٽس جي ڪارخاني ۾ مزدوري تي لڳو هو. هن پورو مهينو جان فشاني سان ڪم ڪيو. هن کي اميد هئي ته کيس سٺي مزدوري به ملندي ۽ اڳيان هلي هو پروموٽ به ٿيندو. مهيني گذرڻ کان پوءِ مزدورن جي جمعدار، کيس ھزار ڏيئي چيو، هي خرچ جا پئسا وٺ، باقي حساب ٻئي مهيني تي ڪنداسين. ٻيو مهينو پورو ٿيو ته اهو جمعدار موڪل تي ڀڄي ويو. ٻه مهينا مفت ۾ ڪمائي هو واپس ڳوٺ هليو ويو. پوءِ ھن سوچيو ته هتي ته رڳو دوکو ۽ ٺڳي آھي. هو ته ٺڳي ۽ دوکو به ڪري نه ٿو سگهي. ان ڪري جو هو ان خاندان سان تعلق رکي ٿو، جيڪو سنڌ جو سادو سودو خاندان رهيو آھي. هو سمنگ چارڻ ۽ ڀاڳو ڀان جي سادگي جو تسلسل آھي، جن هميشه بهادر ڪردارن کي ڳائي وڄائي زنده رکيو.
اڀ سڀ ڪنهن اوچو، اڀ نه اوچو ڪوءِ،
مئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ. (ڀاڳو ڀان)
چارڻ، لوڪ ڪهاڻين جي اصل ڪردارن کي دل ۾ سمائي شادين مرادين ۽ محفلن ۾ ڳائي نه رڳو محفلن کي رونق بخشيندا رهيا، پر ان تي پنهنجو پيٽ به پاليندا هئا. هاڻي ته زمانو بدلجي ويو آھي، ڀالي ۽ بندوق جي جاءِ تي ائٽم بم اچي ويو آھي, ڍڳي گاڏين ۽ اٺ گاڏين جي جاءِ تي هوائي جهاز اچي ويا آھن, هاڻي ته راءِ ڏياچ جهڙن حاڪمن کي چارڻن جي ڪينري ٻڌڻ جي ضرورت به ڪونهي. هاڻوڪين سسئين کي پنهون جي پٺيان پهاڙن جا پنڌ ڪرڻ ۽ سهڻين کي گهڙا کڻي سير تري ميهار ڏانهن وڃڻ جي به ضرورت ڪانهي، ۽ نه ئي وري راڻي کي ڪاڪ محل تي ڪرهو ڪاهي وڃڻ جي ضرورت آھي. هاڻي واٽس ايپ کولي ان تي ھڪ ننڍڙو ميسيج لکي پنهنجي مومل کي چئو آئون فلان هنڌ تي اچان ٿو، توهان اتي پهچو ته روح رچنديون ڪريون.
ڳالھ ٿي ڪيم ته هاڻي سرندو وڄائي پيٽ گذر نه ٿو ڪري سگهجي. هاڻي نه سرندي واريون محفلون رهيون آھن، نه ئي وري ساڳيا ساز. ايتري ۾ اوچتو ٽوڙھي وڻ تي چٻري پکي جي دانهن، رات جي سانت کي چيري خوف جو احساس ڏياريو. ٽوڙھو وڻ رانجهي جي جهوپڙي جي سامهون هو، جيڪو گهڻي وقت کان سڪي چڪو هو. سڪل وڻ تي ٻيو به چٻرو اچي ويٺو، پوءِ ٻئي پکي گڏجي زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳا. رانجهو جهوپڙي مان ٻاهر نڪري آيو. هو جيئن ئي جهوپڙي مان ٻاهر نڪتو ته هن محسوس ڪيو ته اتر جو واءُ زور سان لڳي رهيو آھي. هن سرندو ڪلهي تي رکيو ۽ اتر واءَ کي سامهون جهنگ طرف هلڻ لڳو. ان وقت ان کي شاه لطيف جو هي شعر ياد آيو:
جهنگل هليا سي نه ڀليا، راه هليا ڦُرجن،
اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇڏيون.
هو هلندو رهيو, ڍگهن وڻن، ننڍن جهڳٽن ۽ ٻوڙن کي لتاڙيندو اڳيان وڌندو رهيو. ڪجھ پنڌ کان پوءِ ھن کي دور کان بگهڙن جي اوناڙ ٻڌڻ ۾ آئي. هن جيئن ئي اوناڙ ٻڌي ته هو هڪ وڻ ھيٺان چادر وڇائي ويهي رهيو, ۽ پوءِ سرندو وڄائڻ لڳو. پهرين ته هن سوچيو ته سرندي جي آواز تي بگهڙن جو جهنڊ کيس ماري به سگهي ٿو ۽ پوءِ وري سوچيائين ته هو هن وقت ٻئي ڇڏي چڪو آھي، ماڻھو ته ههڙين حالتن ۾ خودڪشي به ڪري ڇڏيندا آھن, ان ڪري کيس جهنگ ۾ مروئن کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آھي. هن وقت ته ماڻھن کي ماڻھن کان خوف ٿئي ٿو، ان وقت ھن جي ذھن ۾ شاه لطيف جون هي سٽون گهمڻ لڳيون:
مرون ٿي مرن ۾ آئون جبل جهاڳيندياس،
مليو ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان.
سندس ويجهو ئي سامهون ڍنڍ هئي، جنهن ۾ ڏوئيرن ۽ ٻگهن جي دانهن جا آواز آيا ٿي. رانجهي هاڻي سرندو رکي ڇڏيو! مٿانئس وڻ جو پاڇو هو، جيڪو ڪنهن ديو جيان ٿي لڳو، جنهن کيس پنهنجي هنج ۾ پورو جڪڙي رکيو هو.
هن جيئن ئي سرندو رکي وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏني ته سندس اک لڳي ويئي. هن خواب ڏٺو ته دردن مان نجات حاصل ڪرڻ جو طريقو مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ محنت ۽ جفاڪشي ۾ آھي، نه وري مايوس ٿيڻ ۽ ماٺ ڪري ويھڻ يا دل شڪستو ٿي خودڪشي ڪرڻ ۾ آھي. ايتري ۾ ڪوئي ماڻھو هن کي هڪل ڪري چوي ٿو ته، اٿ، اٿي جدوجهد ڪر, زندگي ھڪ دفعو ملي آھي, جدوجهد ڪندين ته تنهنجي زندگي حقيقي معنيٰ پائيندي، نه ته تنهنجي زندگي مئل هوندي، ڇاڪاڻ ته زندگي چئبو ئي ھلچل ۽ تحرڪ کي آھي. جدوجهد ڪرڻ جو جذبو ۽ روزي تلاش ڪرڻ جا نوان وسيلا ڳولهڻ زندگي آھي. رانجهو جيئن ئي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو ته هن ڏٺو ته باک ڦٽي ٿي ويئي آھي. صبوح جا آثار اڀري رهيا آھن. پوءِ ھن جهنگ وسائڻ جا سارا خيال ختم ڪري ٻيهر جدوجهد ڪرڻ جو سوچيو ۽ سرندو ڪلهي ڪري واپس سندس اڳئين دنيا ڏانهن موٽڻ لڳو.