وڃايل ٻلي مالڪن کي هڪ ٻن ڏينهن نه پنجن سالن بعد ملي وئي

وڃايل ٻلي مالڪن کي هڪ ٻن ڏينهن نه پنجن سالن بعد ملي وئي

لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز)  عام طور تي ڪا ٻلي مالڪ کان جدا ٿي وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر نه موٽي تي وري ملڻ ناممڪن هوندو آهي. پر آمريڪا ۾ هڪ خاندان کي پنجن سالن کان پوءِ پنهنجي گم ٿيل ٻلي ملي وئي. آرٽيمس ٻلي آمريڪا جي رياست ميري لينڊ جي شهر هيڪوري سان واسطو رکندر جوڙي پالي هئي. سيپٽمبر 2021 ۾ گهر کان ٻاهر وئي ۽ وري ڪڏهن به واپس نه آئي. جوڙي پنهنجي علائقي ۾ ٻلي جي ڳولا ڪئي ۽ پمفليٽ پڻ ورهايا پر ٻلي نه ملي سگهي. پر فيبروري 2026 ۾ هڪ عورت ڪارفورڊ ڪائونٽي هيومن سوسائٽي سينٽر ۾ هڪ ٻلي وٺي آئي ۽ چيو ته هن کي اها هڪ ٺهندڙ جاءِ ۾ ملي. سينٽر ٻلي جي مائڪروچپ کي اسڪين ڪيو ۽ ڏٺو ته ان جو نالو آرٽيمس هو. سينٽر ٻلي جي مالڪن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي گهرائي ٻلي انهن جي حوالي ڪئي. مالڪن چيو ته اسان کي يقين ئي نه پئي آيو ته اسان جي ٻلي موٽي آئي آهي پر جڏهن اسان هن کي ڏٺو ته هوءَ ساڳي نظر آئي جيئن 5 سال اڳ هئي ۽ اهو اسان جي زندگي جو تمام خوبصورت لمحو هو. اڃا تائين اهو معلوم ناهي ته ٻلي ايتري عرصي کان ڪٿي هئي ۽ اها ڪيئن بيسمنٽ ۾ آئي.