| وچ اوڀر امن مشن: آمريڪي پيغام سان شهباز سعودي ۽ آرمي چيف تهران پهتل، 21 اپريل کان اڳ جنگبندي ۾ واڌ پهريون هدف |
اسلام آباد/جده/تهران (م ڊ) مشن وچ اوڀر ۾ امن تحت پاڪستان جي قيادت سڌي سفارتڪاري شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف ٽن ملڪن جي دوري جي پهرئين مرحلي ۾ سعودي عرب پهچي ويو. آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير به آمريڪا جو اهم پيغام کڻي وفد سان ايران پهتو. مليل اطلاعن موجب پاڪستان ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کي مڪمل طور ختم ڪرائڻ ۽ جنگبندي ۾ واڌ لاءِ سفارتي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف 15 کان 16 اپريل تائين سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو دورو ڪندو. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ آهن. وفد ڪالهه جده پهتو جتي جده جي گورنر وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب ۽ قطر جي دورن دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علاقائي امن، سلامتي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پنجين اناطوليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه جو به دورو ڪندو جتي شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي. ٻئي طرف پاڪستان جو آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن جي سلسلي ۾ وفد سان گڏ تهران پهچي ويا آهن. ان کان اڳ ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي هفتيوار پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته هڪ پاڪستان جي هڪ ٽياڪڙ ذريعي تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ رابطا برقرار آهن. ايران جو موقف واضح طور تي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ رابطن ۾ ٻيهر ورجايو ويو آهي. هن آمريڪي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ته ايران ايٽمي هٿيار ڳولي رهيو آهي پر چيو ته ايران جو ايٽمي پروگرام پرامن آهي. ايران کي پنهنجي ضرورتن مطابق يورينيم جو رچاءُ جاري رکڻ جو حق هجڻ گهرجي، پر رچاءُ جي نوعيت ۽ سطح تي بحث جي گنجائش آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تهران پهتا آهن. پاڪستاني وفد ايران-آمريڪا جنگ بندي ڳالهين سان لاڳاپيل جاري سفارتي ۽ ٽياڪڙي ڪوششون جاري رکندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي دورو خطي ۾ جاري تڪرار کي گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن جو حصو آهي. پاڪستاني وفد جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي اعليٰ ايراني عملدار پڻ موجود هئا. ايراني ميڊيا موجب پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايراني حڪومت جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو ۽ ڳالهين جي ٻئي دور جي تيارين تي بحث ڪندو. آءِ آر آءِ بي نيوز ايجنسي جي مطابق، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي ڳالهين جو ٻيو دور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستاني راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف الجزيره جي رپورٽ موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد واشنگٽن کان نئون پيغام کڻي ڳالهين جي ٻئي دور تي ڳالهائڻ لاءِ تهران پهتو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻن هفتن جي هڪ نازڪ جنگ بندي برقرار آهي ۽ 22 اپريل تي ختم ٿيڻ واري آهي. رپورٽ موجب ٽياڪڙي ڪندڙ ٽن مکيه نقطن تي هڪ سمجهوتي لاءِ زور ڏئي رهيا آهن يعني ايران جو ايٽمي پروگرام، هرمز کاڙي کي ٻيهر کولڻ ۽ ايران ۾ جنگ ۾ ٿيل نقصان جي معاوضي تي. الجزيره هڪ ٻي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي صدر جا ڪجهه پسنديده ماڻهوايران ۾ تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهن. وفد واشنگٽن جو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ايندڙ دور کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پڻ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي.21 اپريل تي ختم ٿيندڙ جنگ بندي جي ڪري تڪڙ ٿي رهي آهي، ۽ پاڪستاني عملدار اميد ڪري رهيا آهن ته ان ۾ واڌ ٿي ويندي شهباز شريف علائقائي ڀائيوارن کي قائل ڪندو ته اهي آمريڪا کي ايران سان نئين ڳالهين ۾ حصو وٺڻ لاءِ قائل ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪن ۽ يقيني بڻائين ته ڪا به ڌر سفارتي حد پار نه ٿئي.
اسلام آباد/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران جي جنگبندي جو 22 اپريل تي آخري ڏينهن آهي، آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته بيڪ ڊور رابطن وسيلي آمريڪا ۽ ايران معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهن، پاڪستاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو دور 23 کان 25 اپريل جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو، تجزياڪارن جي راءِ آهي ته معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ ان تي صحيح ڪرڻ لاءِ آرميڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان اچي سگهي ٿو. مليل اطلاعن موجب ايران ۽ آمريڪا ۾ جنگبندي کي وڌائن ۽ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن جنهن جا نتيجا ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي سگهن ٿا. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز ٻڌايو ته آمريڪا ۽ ايران ۾ 23 24 25 اپريل تائين ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ڳالهيون خميس، جمعو ڇنڇر يا جمعو ڇنڇر ۽ آچر تي ٿي سگهن ٿيون پر ايندڙ هفتي ڳالهيون ٿينديون. جنهن لاءِ سيڪورٽي جون تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن. رپورٽ موجب آمريڪا جي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف، ۽ جيرڊ ڪشنر ۽ ايران جي وفد ۾ اسپيڪر باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي شامل هوندا، ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن. هوڏانهن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين مشاهد حسين سيد هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ايندو هن چيو ته آمريڪي صدر اها ذميواري ڪنهن ٻئي کي نه ڏيندو. هن چيو ته انهي امڪاني اڳڀرائي جي صورت ۾ ايران جي صدر مسعود پزڪشيان جو به پاڪستان اچڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو. ٽي وي پروگرام ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري به ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي باري ۾ پراميد موقف اختيار ڪندي چيو ته ٻئي رائونڊ مان مثبت نتيجا سامهون اچڻ جو امڪان آهي جنهن سبب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي راهه سڌي ٿي سگهي ٿي.