وچ اوڀر تڪرار جو 2 رياستي حل چاهيون ٿا، خطو اڃا غزه جي آفٽرشاڪس مان ناهي نڪتو: شهباز

فيبروري 12, 2025

دبئي(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي يُو اَي اِي صدر شيخ محمد بن زائد النهيان سان ملاقات ڪئي ان دوران ٻطرفن لاڳاپن کي سگهارو، اقتصادي ۽ تجارتي شعبن ۾ ترقي تي ڳالهيون ٿيون، ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير به موجود هو، وزيراعظم جي شيخ محمد راشد المڪتوم پاران ٻنهي ملڪن ۾ پائيدار لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، اُن کان اڳ ورلڊ گورنمينٽس سمٽ کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي وئي، هي خطو اڄ به عزه الميي جي تباهي آڻيندڙ اثرن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان وچ اوڀر تڪرار جو ٻه رياستي حل گهري ٿو، گلوبل گرين اڪانومي جو تصور گڏيل ذميوارن جو گُهرجائُو آهي، پاڪستان کي تجديدي توانائي جو متبادل نظام آڻڻ لاءِ سئو ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، وزيراعظم پاران اڏام پاڪستان پروگرام قومي اقتصادي تبديلي جو منصوبو قرار ڏنو .

Leave A Comment