| وچ اوڀر جي جنگ انسانيت لاءِ بدنامي آهي: پوپ ليو |
ويٽيڪن سٽي (م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني اڳواڻ پوپ ليو چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڪري ٿيندڙ موت ۽ مصيبت سڄي انسانيت لاءِ بدنامي آهي ان لاءِ فوري طور تي جنگ بندي ڪئي وڃي. پوپ چيو ته هو وچ اوڀر ۽ تشدد جي شڪار ٻين علائقن جي صورتحال تي مايوسي جو شڪار آهي. هن چيو ته اسان ڪيترن ئي ماڻهن جي مصيبت جي منهن ۾ هجڻ تي خاموش نه ٿا رهي سگهون اهي ماڻهو تڪرار ۾ ڦاٿل آهن ۽ پنهنجو دفاع ڪرڻ جي به لائق نه آهن. جيڪو انهن ماڻهن کي نقصان پهچائي ٿو اهو پوري انسانيت کي نقصان پهچائي ٿو. ليو سينٽ پيٽر اسڪوائر ۾ پنهنجي هفتيوار اينجلس دعا ۾ پوپ اهو به چيو ته مان ان ڳالهه جي سختي سان اپيل ڪريان ٿو ته دشمني بند ڪئي وڃي ۽ آخرڪار امن لاءِ رستو هموار ٿئي.